مٺي: اڄ انساني حقن جي عالمي ڏينھن تي انسان جي بنيادي حق ۽ ضرورت اٽي جي اگھن کي گھٽائڻ لاء ٿر واسي انساني حقن جي عالمي ڏينھن تي سراپا احتجاج آھن، احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيو ته اٽو انسان جو بنيادي حق ۽ ضرورت آھي جيڪو وڌيڪ اگھ ھجڻ ڪري مسڪين ماڻھن جي پھچ کان پري ٿي ويو آھي ۽ مسڪين، مزدور ماڻھو بکو ڪاٽڻ تي مجبور آھن. انساني حقن تي ڪم ڪندڙ سمورين تنظيمن کي گذارش ته ملڪ ۾ وڌندڙ مھنگائي سبب پامال ٿيندڙ انساني حقن جي پوئيواري ڪري انسانـجي بنيادي ضرورت ۽ بنيادي حقن جي لاء آواز اٿيارين۔