ڪنگ پريسٽ جي مجسمي جي تذليل واري ڪيس ۾ عدالت طرفان گرفتار جوابدار ٻن ڏينهن جي رمانڊ لاءِ پوليس حوالي

0
288
mohenjo daro

ڏوڪري: ڏوڪريءَ ۾ سنڌ جي عظيم ماڳ مهين جي دڙي ۾ رکيل ڪنگ پريسٽ جي مجسمي جي تذليل ڪرڻ واري ڪيس ۾ عدالت طرفان گرفتار جوابدار کي ٻن جي رمانڊ تي مهين جو دڙو ايئرپورٽ ٿاڻي جي پوليس حوالي ڪيو ويو آهي، مهين جو دڙو ايئرپورٽ ٿاڻي جي اي ايس آءِ روشن علي ٿهيم ڪنگ پريسٽ جي مجسمي جي تذليل ڪيس ۾ گرفتار جوابدار گل محمد عرف گلڻ هليو کي ڏوڪريءَ جي سول ڪورٽ 2 ٽُو ۾ پيش ڪيو. عدالت جوابدار کي ٻن ڏينهن جي لاءِ مهين جو دڙو ايئرپورٽ ٿاڻي جي پوليس حوالي ڪيو ۽ ڪيس ۾ گهربل ٻئي جوابدار کي گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو۔

ٻئي طرف بيحرمتي ڪيس ۾ گرفتار ٻئي جوابدار تعمير حسين کي ننڍي عمر هئڻ ڪري عدالت ۾ پيش نه ڪيو ويو آهي. واضح رهي ته مهين جو دڙو ايئرپورٽ ٿاڻي تي مهين جي دڙي جي ڪنگ پريسٽ جي مجسمي جي تذليل ڪرڻ جي ڏوھ ۾ 3 جوابدارن مٿان ايڪٽ 295 تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ جوابدار گلڻ هليو ۽ سندس پٽ تعمير حسين کي رتيديري مان گرفتار ڪيو ويو آهي جڏهن ته ٽيون جوابدار جاويد احمد هن وقت تائين گرفتار نه ٿي سگهيو آهي۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here