لاڙڪاڻو (رپورٽ : غلام مهدي لنڊ) لاڙڪاڻي واسي 22 سالا نوجوان ملتان سلطان ۾ سليڪٽ ٿي ويو، تفصيل موجب پاڪستاني فرسٽ ڪلاس ڪرڪيٽ ۾ پنھنجي فاسٽ بالنگ تي سنڌ جي ٽيم سليڪٽ ٿيندڙ لاڙڪاڻي واسي ساڄي ھٿ سان تيز بالنگ ڪندڙ 22 سالا شاھنواز ڏھاڻي جي تيز بالنگ ذريعي ملتان سلطان جي ٽيم خريد ڪيو آ ايندڙ ايڊيشن ۾ ملتان جي ٽيم ايڪشن ۾ نظر ايندو۔
شاھنواز ڏھاڻي پنھنجي ڪرڪيٽ ٽيپ بال تان پنھنجي ڳوٺ جي ٽيم مان شروع ڪئي، ھلندي ھلندي لاڙڪاڻي تمام گھڻي شھرت ماڻي ٽيپ بال کان پو ليدر بال تي لاڙڪاڻي جي پراڻي ڪلب الشھباز ۾ شموليت ڪئي پنھنجي ٿوري ڪيرئير ۾ تمام جلد شھرت ماڻي سنڌ ليول جو رانديگر ٿي ويو ڪراچي جي مختلف ڪلبن طرفان گيسٽ پلئير کيڏڻ شروع ڪيو ھن وقت هو سنڌ جي ٽيم ۾ اٽيڪنگ بالر آهي جيڪو نيشنل ون ڊي ڪپ ملڪ جي وڏي ٽورنامنٽ ۾ مصروف سوشل ميڊيا تي ڪالھه سندس نالي جي دھوم مچل آهي۔