ڏوڪري ۾ اينٽي ڪرپشن ٽيم جو ڇاپو گهربل جوابدار ٽي ايم او آفيس سپرنٽنڊنٽ گرفتار

0
225

ڏوڪري رپورٽ: قاضي فريد

ڏوڪري شهر جي کوکر محلي ۾ اينٽي ڪرپشن ٽيم جو ڇاپو 10 سال اڳ سرڪاري فنڊن ۾ خردبرد ڪرڻ جي ڪيس ۾ گهربل جوابدار ڏوڪري تعلقي جي ٽي ايم او آ فيس جي آفيس سپرنٽنڊنٽ عبدالستار جلباڻي کي گرفتار ڪري ورتو آهي۔

ان سلسلي ۾ سرڪل آفيسر امان الله راڄپر رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو آھي ته ٽي ايم او آفيس سپرنٽنڊنٽ عبدالستار جلباڻي 10 سالن کان روپوش رهيو جنهن کي ڳجهي اطلاع تي ڏوڪري جي کوکر محلي مان گرفتار ڪري عدالت پيش ڪيو آهي جنهن تي سرڪاري فنڊن جي خرد برد جو ڪيس داخل آھي۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here