ڏوڪري: ڏوڪري اسپتال ۾ چئن مهينن کان دوائون اڻ لڀ، مريض پريشانين ۾ مبتلا، سياسي سماجي ڌرين جو احتجاج ڏوڪري اسپتال ۾ آءِ ايڇ ايس به لاڀ نه ڏئي سگهي، اسپتال ۾ چئن مهينن کان دوائون جي هٿرادو کوٽ هجڻ سبب مريضن پريشاني ۾ مبتلا ٿي ويا آهن۔
ان ڏس ۾ هتان جي سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن رڪ سنڌي، قاضي عابد، منصور احمد ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ سرڪار سنڌ جون اسپتالون اين جي اوز جي حوالي ڪيو ويون آهن. هنن چيو ته آءِ ايس ايڇ به اسپتالن ۾ سهولتون فراهم ناهي ڪري سگهي، گذريل چئن مهينن کان دوائون جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪري ڇڏي آهي. هنن مطالبو ڪيو ته بنا دير اسپتال ۾ دوائون جي کوٽ ختم ڪئي وڃي ٻئي صورت ۾ وڌيڪ احتجاج ڪيو ويندو۔