لاڙڪاڻو پٺاڻن حوالي ڪيئن ٿيو… اهم انڪشاف ظاهر ٿي ويو

0
381

غلام مھدي

لاڙڪاڻي ۾ پٺاڻن جي اچانڪ ماڪوڙي جيان وڪوڙڻ تي اڳ به مون ڪالم لکيو هو ته پٺاڻ لاڙڪاڻي ۾ ڪيئن ڪاهي پيا آهن، جنهن ڪالم ۾ مون اهو به لکيو هو ته پٺڀرائي ڪنهن جي آهي ۽ انهن کي ٻي ڪالم ۾ وائکو ڪندس. اهڙي ريت لاڙڪاڻي ۾ مسلسل پٺاڻ طبقي جي واڌ ۽ ڪاروباري مرڪز وڌائڻ سان گڏوگڏ هنن جا لاڙڪاڻي اندر قبضا به ظاهر ٿي ويا آهن. ڪجهه وقت اڳ ۾ لاڙڪاڻي جي مين علائقي گرلس ڪاليج واري چوڪ تي دڪان ٺهيل هئا جتي پينٽنگ، پرنٽنگ ۽ آٽوز جا دڪان هوندا هئا جتي ڪيترن ئي سنڌين جو روزگار هوندو هيو، پر اچانڪ انڪروچمينٽ جو مسئلو ٿي ويو جنهن ۾ اهي دڪان هٽايا ويا، ڪافي وقت ڊهيل دڪان ڏسي ڌرتي ڌڻين کي اهي سوچون پڻ اينديون هونديون ته آخرڪار هنن کي بيروزگار ڪرڻ جي ضرورت ڇو پئي…؟

هلندي هلندي، سياري جي موسم آئي ماڻهن جا ڌيان به هٽجي ويا ۽ ڏسڻ ۾ آيو ته هڪ نه پر سڀ دڪان ورائي اڏيا ويا ۽ سنڌي ته ويچارا گم نظر آيا پر پٺاڻن جا ڪيترائي دڪان نظر آيا، تڏهن اندازو لڳي ويو ته هتي ڪنهن عام ماڻهو جا هٿ نه پر ڪنهن وڏي ٻِٻ جا هٿ آهن، جنهن جو اندازو نئين اڏيل دڪان توڙي هيٺ لڳل خبر سان لڳائي سگهجي ٿو جيڪا لاڙڪاڻي جي هڪ صحافي لکي ته”لاڙڪاڻي جي شهر جي پير سرڪٽيو پل روڊ پريس ڪلب جي پوئين پاسي لنڊا بازار جي پورهيتن ضلعي انتظاميه خلاف پريس ڪلب اڳيان ڪالهه ٻئي ڏينهن به احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ان موقعي تي پورهيتن قدير ڪلهوڙو، عبدالخالق ابڙو، طالب حسين ڪنڀر، سجاد ڪنڀر، خادم حسين ڪنڀر، سعيد سمون، محمد علي ملگاڻي ۽ ٻين دانهيندي الزام لڳايو ته سرديءَ جي موسم ۾ اسان غريب مسڪين ماڻهو قرض کڻي لنڊي جو سامان ٻين وڏن شهرن مان وٺي ڏهن سالن کان پريس ڪلب جي ديوار لڳ ٺهيل فوٽ پاٿ تي لنڊا جا ڪپڙا کڻي پنهنجي ٻچڙن جو پيٽ پاليندا آهيون پر انڪروچمينٽ آفيسر احسان علي ميمڻ اسان جو سامان کڻي ڪاروبار بند ڪرائي ڇڏيو آهي، انتظاميه طرفان بلاجواز تنگ ڪري بيروزگار ڪيو پيو وڃي جيڪا وڏي ناانصافي آهي. هنن چيئرمين پاڪستان پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو زرداري، ايم پي اي فريال ٽالپر ۽ جميل احمد سومرو کي اپيل ڪئي اسان کي روزگار ڪرڻ ڏنو وڃي جيئن اسين پنهنجي گهر ڀاتين جو پيٽ پالي سگهون.

“مٿين لکيل خبر موجب لاڙڪاڻو انتظاميه جا آفيسر پٺاڻن کي هٿي وٺرائي سنڌين سان ناجائزي ڪيون ويٺا آهن، منهنجي لکيل ڪالمن سان به ڪيترن ئي سوشل ميڊيا جي عجيب و غريب ماڻهن جو غلط ڪمينٽس پڻ اينديون آهن، جن ۾ اجايو سجايو تنقيد جو نشانو بڻايو ويندو آ، پر جيڪڏهن اها سوچ رکي لکڻ ڇڏي ڏجي ته ماڻهو غلط پيا چون ته اهو بلڪل غلط عمل ٿيندو، ڇاڪاڻ ته مولا علي عليه السلام جو قول آهي ته اگر دنيا اوهان کي غلط چوي ۽ اوهين هجو صحيح ته اهو بهتر آ بجاءِ ان جي جو اوهان هجو غلط پر دنيا اوهان کي صحيح چوي.

ته سو ڳالهه جي هڪ ڳالھ ته هي پٺاڻن جي وڌندڙ لوڌ اڳتي لاءِ ڌرتي ڌڻين جي زمين تنگ ڪندي، جن جي رستا روڪ لازمي آهي.جيڪڏهن اڄ ڊي سي لاڙڪاڻو جي انڊر ۾ ڪم ڪندڙ انڪروچمينٽ عملو پٺاڻن کي هٿي ڏيڻ ۾ وائکو ٿي چڪو آهي ته مٿان ڪيترائي بااثر ماڻهو هوندا جيڪي هنن کي وڏي سپورٽ ڪندا هوندا، جيڪي جلد سامهون ايندا ۽ هنن کي ڪڏھن به، ڪنهن به موڙ تي، ڪنهن به صورت ۾ نه ڇڏبو. ڳالھ ٻي صوبي مان آيل پٺاڻن جي ناهي پر ڳالھ پنهنجي لاڙڪاڻي جي انتظاميا جي آهي ته جنهن پنهنجي سنڌين جا ته دڪان ڊاهي پٽ ڪيا پر ٻيهر اڏيل دڪانن تي پٺاڻن کي ويهاري ڇڏيو، جڏهن ته فٽ پاٿ تي به سنڌين کي ڪو نه پيا سهن.جهڙي ريت آءُ پوئين لکيل ڪالم ۾ اهو به چيو ته ايندڙ ڪالم ۾ اهو لکندس ته پٺاڻن کي پٺڀرائي ڪنهن جي حاصل آهي، ته اهو هن ڪالم ۾ صاف ظاهر ٿئي ٿو ته لاڙڪاڻو انتظاميه جا آفيسر سڌي ريت پٺاڻن کي هٿي ڏيڻ ۾ ملوث آهن. نه رڳو لاڙڪاڻو انتظاميه پر لاڙڪاڻي ۾ پراپرٽين جا مالڪ به انتظاميه وانگر هڪ جيترا ملوث آهن جيڪي ٻه يا ٽي هزار ڪرايو وڌيڪ وٺڻ جي لالچ ۾ پنهنجي سنڌين کي ڌڪاري پٺاڻن کي ويهاريون ويٺا آهن.

لاڙڪاڻي ۾ وڌندڙ بدامني، ڌاڙا، چوريون ۽ ڦرن جي واڌ کي مد نظر رکندي اهو به سوچڻ گهرجي ته ڇا اهي سڀ ڦورو ۽ چور بيروزگار بڻيل لاڙڪاڻي واسي آهن يا افغاني پٺاڻن جا ماڻهو جيڪي هزارن جي تعداد ۾ لاڙڪاڻي اندر ڪاهي پيا آهن. ڪجهه وقت اڳ هاڻوڪي ايس پي هيڊ ڪوارٽر محمد ڪليم ملڪ به ٻه پٺاڻ پڪتا هئا جيڪي ڪوئيٽا کان لاڙڪاڻي اچي چرس وڪرو ڪري رهيا هيا ۽ ساڳيا پٺاڻ پاڻ کي پوليس اهلڪار سڏائي رهيا هئا. هاڻي جيڪي پٺاڻ پاڻ کي پوليس اهلڪار سڏائي چرس کپائيدا هجن اھڙا ٻيا ڪيترا ڪارناما هوندا جيڪي هو ڪندا هوندا. آخر ۾ آءُ اهو خدشو پڻ ظاهر ٿو ڪيان ته لاڙڪاڻي اندر ڦرن ۽ چورن جون وارڌاتون به اهي پٺاڻ نه ڪندا هجن، ايس ايس پي لاڙڪاڻو مسعود بنگش کي گهرجي ته ٻاهريان آيل پٺاڻن جون NIC ضبط ڪري انڪوائري ڪرائي ته ڪٿي هو ڪنهن وارڌات ۾ ملوث ته ناهن ۽ ان کان بعد هر علائقي ۾ ويٺل پٺاڻن جا لاڙڪاڻي جي فيسليٽيشن سينٽر تي فنگر وٺي رجسٽريشن ڪئي وڃي ته ٻاهران هيترا ماڻهو آيا آهن جيڪي فلاڻي فلاڻي ڪم سان لڳل آهن

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here