رضوان کي نائب ڪپتاني تان هٽائڻ سمجهه کان ٻاهر آهي، ٽيم جو ماحول خراب ٿي ويندو: رميز

0
69

 پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي اڳوڻي چيئرمين رميز راجا چيو آهي ته وائيٽ بال ڪرڪيٽ ۾ سٺي ڪارڪردگي باوجود ڪپتان بابر اعظم کي بنا سبب تڪرارن جي ور چاڙهيو پيو وڃي.
هڪ بيان ۾ رميز راجا نيوزيلينڊ خلاف پهرين ون ڊي ۾ بهترين ڪارڪردگي تي رانديگرن جي ساراهه ڪئي ۽ چيو ته پهرين ون ڊي ۾ بابر ۽ رضوان تي تمام گهڻو دٻاءُ هو، ٽيسٽ سيريز کانپوءِ بابر جي ڪپتاني تي بنا سبب پريشر وڌو ويو، اهڙي قسم جي شين سان ٽيم جو ماحول خراب ٿي ويندو آهي.


هن چيو ته پريس ڪانفرنس دوران بابر اعظم کان ڏُکيا سوال پڇيا پيا وڃن ۽ کيس بي معنيٰ تڪرارن جي ور چاڙهيو پيو وڃي.
اڳوڻي پي سي بي چيئرمين چيو ته محمد رضوان کي نائب ڪپتاني تان هٽائڻ وارو فيصلو سمجهه کان ٻاهر آهي، اسان کي خبر آهي ته رضوان ڏاڍو محنتي رانديگر آهي، مُلڪ لاءِ ڪارڪردگي ڏيکارڻ وارن ۾ رضوان جهڙو سپاهي ڪير نه آهي تنهنڪري سندس انرجي کي استعمال ڪيو وڃي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here