پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ڊونرز ڪانفرنس جي ڪاميابي تي وزيراعظم کي مبارڪون پيش ڪيان ٿو ته سندس پرڏيهي پاليسي ڪامياب ٿي وئي آهي.
اسلام آباد ۾ وزيراعظم ۽ ٻين سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي پرڏيهي وزير چيو ته اسان گذريل اٺن مهينن کان جيڪا محنت ۽ ڪوششون ڪري رهيا هئاسين اُهي هاڻي اثر ڏيکاري رهيون آهن، اسان جي ڪاميابي آهي ته اسان هدف کان وڌيڪ رقم گڏ ڪئي، اوڀر کان اولهه تائين سڄي دنيا اسان جي مدد ڪئي.
هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف ۽ حڪومت هڪ تير سان ٻه شڪار ڪيا، هڪ پاسي ته اوهان مُلڪ اندر ٻوڏ متاثرن جي بحالي لاءِ اڻٿڪ محنت ڪئي ته ٻئي پاسي عالمي سطح تي پاڪستان کي ڊيفالٽ ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪرڻ وارن کي به ڏيکاريو ته ڪئين دنيا پاڪستان کي دل کولي مدد ڪئي.
پرڏيهي وزير چيو ته اسان جي اعلانن سان اهو تاثر وڃي رهيو آهي ته امداد ملڻ کانپوءِ سمورا مسئلا حل ٿي ويندا پر ائين نه آهي، اڄ به ٻوڏ متاثر ڏکيائين جو منهن ڏسي رهيا آهن ۽ بي گهر آهن، زراعت کي ڪاپاري ڌڪ رسيو آهي، مسئلا تمام گهڻا آهن ۽ متاثرن جو انگ به تمام گهڻو آهي.
هن چيو ته سياري جي موسم ۾ به ٻوڏ متاثر ڏکي صورتحال کي منهن ڏئي رهيا آهن، سرندي وارن کي گذارش آهي ته جنهن نموني به امداد ٻوڏ متاثرن لاءِ موڪلي سگهن موڪلين ۽ پنهنجن ٻوڏ متاثرن ڀائرن کي ڏکئي وقت ۾ ياد رکن.