ڏوڪري: رپورٽ قاضي فريد
تفصيل مطابق ڏوڪري تعلقي ۾ 5 اهم عهديدارن جون ڪرسيون خالي پيل آهن، جن ۾ مختيار ڪار، ٽائون آفيسر، سب رجسٽرار ۽ آر آر آءِ جون ڪرسيون خالي هجڻ سبب ڪاروهنوار ٺپ ٿي ويو آهي، عوام رولڙي جو شڪار۔ ان ڏس ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ تعلقي صدر منور جوڻيجو، جنرل سيڪريٽري ذوالفقار نوناري، سٽي صدر آغا ميهر جلباڻي، جنرل سيڪريٽري ماجد سومرو، ديدار شيخ، ذيشان ميمڻ، الطاف خاصخيلي، امر گلال ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ تحريڪ انصاف جي آفيس کان ڏوڪري پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن وي اين ايس نيوز سان ڳالهائيندي چيو ته ڏوڪري تعلقي جي واسين کان سياسي انتقامي ڪاروائيون ڪيون پيون وڃن۔
هنن چيو ته تعلقي جون 4 اهم ڪرسيون خالي هجڻ سبب تعلقي جو ڪاروهنوار بند ٿي ويو آهي، عوام پريشانين ۾ مبيتلا ٿي ويو آهي۔ هنن چيو ته ٽائون آفيسر نه هجڻ سبب ملازمن ڪم ڇڏ هڙتال ڪري ڇڏي آهي جنهن سبب شهر ۾ گندگي جا ڍير لڳي ويا آهن، نالين جو گندو پاڻي روڊن ۽ گهٽين ۾ بيهجي ویو آھي۔ هنن مطالبو ڪيو ته بنا دير ڏوڪري تعلقي ۾ خالي پيل ڪرسين تي آفيسر مقرر ڪيا وڃن ٻئي صورت ۾ وڌيڪ احتجاج ڪيو ويندو۔