صحافي تي حملو ڪري اسلحي جي زور تي تشدد بعد وڊيو ٺاهي بليڪ ميل ڪرڻ جي ڪوشش

0
156

سنجھورو رپورٽ: جاويد علي ٻگھيو

شھدادپور ۾ منشيات جوا آڪڙا پرچي جھڙيون برائين خلاف احتجاجي ريلي ڪڍرائڻ تي حق جو آواز بلند ڪندڙ خانگي اخبار جي رپورٽر نوجوان صحافي لالا شاھزيب راجپوت تي گذريل 14 جولائي تي شھر ۾ کليل سرعام جوا آڪڙا پرچي جي اڏن جي ڪوريج دوران جوا جي ڌنڌي سان لاڳاپيل وڏي نالي غلام حسين عرف بصر ماڇي 20 کان وڌيڪ ھٿيارن بندن سان حملو ڪرائي اسلحي جي زور تي باندي بڻائي سخت تشدد بعد پاڻ وڊيو بڻائي سوشل ميڊيا تي وائرل ڪري ڇڏي جنھن بعد شھدادپور شھر جون سڄاڻ ڌرين واقعي تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته حق سچ لکڻ تي شھر جي بدنام زمانہ جوا ڊيلر جنھن تي پوليس ريڪارڊ ۾ 18 جي ويجھو ڪيس داخل آھن جنھن سرعام ھڪ صحافي تي حملو ڪري اسلحي جي زور تي تشدد بعد وڊيو ٺاهي بليڪ ميل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ مقامي ٿاڻي شھدادپور جي پوليس اکيون بند ڪري واقعي کان مڪمل لاتعلق رھي ان حوالي آئي جي سنڌ ۽ ٻين اعليٰ اختيارين کي واقعي جو فوري نوٽيس وٺي ملوث بدنام زمانه غلام حسين عرف بصر ماڇي سوڌو سڀني جوابدارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪندي تشدد جو نشانو بڻيل صحافي کي انصاف ڏياريو وڃي۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here