گاجي کهاوڙ ڀرسان 5 سالن کان وٺي اسڪول بند ٻار مال چارڻ تي مجبور ڳوٺاڻن ۽ شاگردن جو احتجاج

0
208

رپورٽر امداد پنهور گاجي کهاوڙ

گاجي کهاوڙ ڀرسان ڳوٺ مينهون ڏيپر ۾ 5 سالن کان وٺي اسڪول بند ٻار مال چارڻ تي مجبور ڳوٺاڻن ۽ شاگردن جو احتجاج استاد کپي استاد کپي ٽي اي او نصير آباد جا سکڻا آسرا ڳوٺاڻن وحيد ڏيپر حبب الله ڏيپر رحمت الله ڏيپر علي رضا ڏيپر ء ٻين وي اين ايس سان ڳالهائنيدي چيو آهي۔

اسان جي اسڪول جي بلڊنگ نئي سر تعمير ٿيڻ کانپوء هڪ ڏنيهن به استاد ناهي آيو جڏهن ته ٽي اي او نصير اباد اسان وٽ ڪڏهن به لڙي ناهي آيو نه وري ڪو ٻيو آفسير اخر ڪار اسان دانهن ڪنهن کي ڏيو ن خدار اسان جي اسڪول لا۽ ڪو سٺو استاد ڏنو وڃي ته جيئن اسان جا ٻار تعليم پرائي سگهن هنن تعليم کاتي جي اعلي آفيسرن ۽ ٻين وسن وارن کي اپيل ڪئي ته هن جديد دور ۾ به اسان تعليم جي زيور کان محرم آهيون۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here