صحت جي صوبائي وزير ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوھو جو قمبر ڊي ايڇ ڪيو اسپتال جو دورو

0
276

قمبر رپورٽ قاضي نياز حسين

قمبر صحت جي صوبائي وزير ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوھو قمبر جي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال جي دورو صوبائي وزير جي دوري دوران اسپتال جا ڊاڪٽرس ۽ پورو عملو موجود ھو، صوبائي وزير ڊاڪٽر عذرا فضل محمد پيچوھو ڊي ايڇ ڪيو ۾ قائم ڪرونا وائرس جي وارڊ باري ۾ ڄاڻ ورتي ان موقعي تي صوبائي وزير جو چوڻ ھو ته ڪرونا وائرس جي ڪري قمبر اسپتال جي نئي عمارت فنڪشنل نه ٿي سگهي آهي۔

ورڪس ۽ سروسز ڊپارٽمينٽ طرفان سيپٽمبر تائين ڏي ايڇ ڪيو اسپتال مڪمل ٿي ويندي انھيء سال ڊسمبر تائين ڏي ايڇ ڪيو اسپتال تيار ڪئي ويندي، جئين مريضن ۽ ضلعي قمبر جي آس پاس جي وارن کي بھتر علاج جون سهولتون ملي سگهي اسپتال بلڊنگ ۾ سرد خانو جيڪو نامڪمل اھو به جلد تيار ڪيو ويندو صوبائي وزير ڊاڪٽر عذرا فضل محمد پيچوھو چيو ته ڪراچي سنڌ جو حصو آھي ۽ رھندي ان موقعي تي سنڌ اسيمبلي جو ميمبر برھا خان چانڊيو ۽ ڊپٽي ڪمشنر قمبر شهدادڪوٽ جاويد علي جاگيراڻي پڻ موجود ھئا۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here