سنڌ ڪابينا ضلع ڪيماڙي ٺاھڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

0
148

ڪراچي : سنڌ ڪابينا هڪ اهم فيصلو وٺندي ضلع اولهه مان ضلع ڪيماڙي ٺاهڻ جي منظوري ڏني ڇڏي ۽ بورڊ آف ريونيو (بي او آر) کي هدايت ڪئي آهي ته هوءَ صوبي ۾ جتي وڌيڪ آبادي يا علائقا هجن اتي وڌيڪ ضلعن کي بڻائڻ جي تفصيلي تجويز پيش ڪري. هن اها ڳالهه وزيراعليٰ هائوس ۾ ڪابينا جي اجلاس جي صدارت ڪندي چئي. اجلاس ۾ سڀئي صوبائي وزير، صلاحڪار، چيف سيڪريٽري ممتاز علي شاهه ۽ لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته هن وقت ضلع اولهه ۾ 7 سب ڊويزنون (منگهوپير، سائيٽ، بلديا، اورنگي، مومن آباد، هاربر ۽ ماڙيپور) آهن ۽ 7 حلقا، 9 تپا ۽ 23 ديهه آهن، جنهن جي ٽوٽل آبادي 3914757 آهي. ڏٺو ويو آهي ته ضلع اولهه آبادي جي لحاظ کان صوبي جو سڀ کان وڏو ضلعو آهي. ڪابينا مڪمل غور ويچار کانپوءِ ضلع ڪيماڙي ٺاهڻ جي منظوري ڏني جيڪو چئن سڀ ڊويزن تي ٻڌل هوندو يعني سائيٽ، بدليا، هاربر ۽ ماڙيپور جنهن جي مجموعي آبادي 1833864 آهي۔

ضلع ڪيماڙي ۾ 3 حلقا هوندا، 5 تپا ۽ 11 ديهه. اهو فيصلو عوام جي وڏي مفاد خاطر ڪيو ويو آهي. وڏي وزير چيو ته ڪراچي جي ضلعن جا خاص نالا آهن جهڙوڪه ڏکڻ، اوڀر، اولهه ، مرڪز وغيره. پر انهن جا مناسب نالا هجڻ گهرجن جهڙوڪه سينٽرل جو نالو ضلع ناظم آباد ۽ ضلع ڏکڻ جو ڪراچي. هن بورڊ آف ريونيو کي انهن ضلعن جو نالو بدلائڻ لاءِ نالا تجويز ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. وڏي وزير ڪابينا جي ڪجهه ميمبرن جي سفارش تي بورڊ آف روينيو کي صوبي ۾ وڌيڪ ضلعن جي قيام لاءِ هڪ جامع تجويز تيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن وڌيڪ چيو ته جهڙن ضلعن وڌيڪ آبادي ۽ وڏي ايراضي آهي تنهن کي مقامي ماڻهن جي سهولت لاءِ 2 ضلعن ۾ ورهايو وڃي. مراد علي شاهه چيو ته خيرپور سڀ کان وڏو ضلعو آهي ان کي ٻن ضلعن ۾ ورهايو وڃي. هن چيو ته مون ٻڌو آهي ته ان کي آئيني تحفظ حاصل آهي تنهن ڪري ان کي نٿو ورهائجي سگهجي. هن قانون کاتي کي هدايت ڪئي ته هو خيرپور بابت وڌيڪ طريقا ۽ وسيلا ڳولا ڪري ته ڪهڙي ريت خيرپور مان وڌيڪ هڪ نئون ضلعو بڻجي سگهجي ٿو۔

ايڊمنسٽريٽرز
ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته مقامي ڪونسلن جو مدو 29 آگسٽ 2020 کي ختم ٿي رهيو آهي جڏهن ته ڪونسلن پنهنجو پهريون اجلاس 30 آگسٽ 2016 تي طلب ڪيو هو جنهن ۾ ميئرز، ڊپتي ميئرز، چيئرمينز ۽ نائب چيئرمنن کان حلف ورتو ويو هو. وڏي وزير چيو ته سنڌ واحد حڪومت آهي جنهن بلدياتي ادارن کي پنهنجو مدو مڪمل ڪرڻ جي اجازت ڏني. اسان ميئر کي جيل کان ڪم ڪرڻ جي اجازت ڏني ۽ شهر جي ماڻهن کي کين مينڊيٽ کان محروم نه ڪيو ۽ جلد کان جلد چونڊون ڪرائڻ جو عزم ڪيو. مراد علي شاهه چيو ته بلدياتي ادارن کي وڌيڪ هٿي وٺرائڻ لاءِ سنڌ لوڪل گورنمنٽ ايڪٽ (ايس ايل جي اي)-2013 ۾ ترميم ڪئي ويندي. تنهن ڪري ڪابينا جي منظوري سان هن هڪ ذيلي ڪميٽي جوڙي جنهن ۾ وزير بلديات سيد ناصر حسين شاهه، صلاحڪار ورڪس نثار کهڙو، صلاحڪار قانون مرتضيٰ وهاب هڪ مهينجي جي اندر پنهنجيون سفارشون پيش ڪندا. وڏي وزير ڪميٽي کي هدايت ڪئي ته هو سڀني جماعتن /اسٽيڪ هولڊرن وٽان ترميم/سفارشون جوڙڻ لاءِ لهه وچڙ ڪري. ڪابينا بلديات کاتي کي هدايت ڪئي ته 29 آگسٽ 2020 تي سڀني مقامي ڪونسلن جو چئن سالن جو عرصو پورو ٿيڻ تي نوٽيفڪيشن جاري ڪري. ڪابينا لوڪل ڪونسلن جي ڪارڪردگي کي جاري رکڻ لاءِ ايڊمنسٽريٽرز جي مقرري ڪرڻ ۽ وڏي وزير کان پوءِ منظوري وٺڻ جو اختيار ڏنو۔

ننڍيون چونڊيون
وڏي وزير ڪابينا کي ٻڌايو ته مرحوم علي مردان شاهه ۽ مرتضيٰ بلوچ جي وفات کانپوءِ عمرڪوٽ ۽ ڪراچي جو ملير جون ٻه صوبائي اسيمبلي جون سيٽون خالي پيون آهن. هن وڌيڪ چيو ته اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان ڪورونا وائرس جي صورتحال سبب چوندڊون نه ڪرائي سگهيو. هن چيو ته هاڻي هن چونڊن جي انعقاد لاءِ صوبائي حڪومت کان رضامندي جي گهر ڪئي آهي جنهن تي ڪابينا خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ فيصلو ڪيو ته ڄاڻايل ٻنهي حلقن ۾ ڪورونا وائرس جي ايس او پيز تحت آزاد ۽ شفاف چونڊون ڪرائڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان کي درخواست ڪري. اجلاس ۾ ان ڳالهه جو جائزو ورتو ويو ته جڏهن ايس او پيز کي لاڳو ڪيو ويندو ته چونڊن جي عمل ۾ وقت لڳندو، تنهن ڪري اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان کي درخواست ڪئ وئي ته هوءَ پولنگ جو وقت 8 ڪلاڪ کان وڌائي 12 ڪلاڪ يا ان کان وڌيڪ ڪري۔

ڪڻڪ جي درآمد
وڏي وزير ڪابينا کي ٻڌايو ته سنڌ ۾ ڪڻڪ جي کپت 5.6 ايم ايم ٽن رڪارڊ ڪئي وئي آهي. جنهن جي ڀيٽ ۾ هلندڙ سال ۾ 3.8 ايم ايم ٽن فيصل پيدا ٿي اهڙي طرح 2 ايم ايم ٽن جو شارٽ فال ظاهر ٿيو. ان کان پهرين پنجاب کان ايندڙ ڪڻڪ جي ذريعي ان کوٽ کي پورو ڪيو ويو هو. پر افسوس سان چوڻ پوي ٿو ته پنجاب جي ڪڻڪ ڳجهيل طور غائب ٿي وئي آهي تنهن ڪري اسان کي ڪڻڪ درآمد ڪرڻي پئي. ڪابينا ان معاملي تي خيالن جي ڏي وٺ ۽ ٽي سي پي ذريعي 1.5 ايم ايم ٽن ڪڻڪ درآمد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو جنهن لاءِ سيڪريٽري ناڻو ۽ سيڪريٽري خوراڪ هڪ طريقه ڪار تيار ڪندا. وزير خوراڪ هري رام ذريعي ڏنل ڪاٿي مطابق هڪ ٽن ڪڻڪ جي درآمد ۾ لڳ ڀڳ 3198 رپيا لاڳت ايندي. ڪڻڪ جي ريليز جي حوالي سان غور ويچار ڪندي ڪابين صوبائي وزير خوراڪ کي سيپٽمبر جي پهرين هفتي کان ڪڻڪ جاري ڪرڻ شروع ڪرڻ جو اختيار ڏنو پر هن چيو ته هوءَ سمجهي ٿو ته فلور ملز/چڪين کي سيپٽمبر کان پهرين ڪڻڪ جاري ڪري سگهجي ٿي۔

ڊي ايم ڪيو بدين، امن ايڇ سي ايس
صحت کاتي ڪابينا کي ٻڌايو ته ڊي ايڇ ڪيو بدين پي پي پي موڊ تحت هلي رهي آهي. 1.272 ارب رپين جي گرانٽ جاري ڪرڻي پوندي نه ته اسپتالن جي ڪارڪردگي متاثر ٿيندي. ڪابينا ڊي ايڇ ڪيو بدين جي ڪم کي عوام لاءِ اطمينان بخش قرار ڏنو. سندن او پي ڊي ۾ ڏينهون ڏينهن واڌ ٿي رهيو آهي ۽ ويجهن ضلعن جا مريض پڻ اتي اچي رهيا آهن. ڪابينا 1.272 ارب رپين جي گرانٽ جي منظوري ڏني ۽ اسپتال انتظاميا کي هڪ آزاد آڊيٽر وٽان پنهنجو آڊٽ ڪرائڻ جي پڻ هدايت ڪئي. سيڪريٽري صحت ڪاظم جتوئي ڪابينا کي ٻڌايو ته امن هيلٿ ڪيئر سروسز (ايڇ سي ايس) لاءِ گرانٽ ان ايڊ طور 300 ملين رپيا گهربل آهن. ڪابينا شهر ۾ امن ايمبولينس سروس هلائڻ تي صوبائي حڪومت جي واکاڻ ڪئي. ڪابينا 300 ملين رپين جي گرانٽ جي تجويز جي منظوري ڏئي ڇڏي. جنهن تي وڏي وزير سيڪريٽري صحت کي هدايت ڪئي ته هو امن ايمبولينس سروس اٿارٽيز کي چوي ته هوءَ پنهنجي ٻيڙي مان 50 ايمبولينس شامل ڪري۔

اي اسٽمپ قاعدا
بورڊ آف ريونيو مسودو اي اسٽمپ قانون 2020 پيش ڪيو. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته هڪ يونيڪ سڃاڻپ نمبر جنهن کي اي اسٽمپ آئي ڊي چيو ويندو آهي، اي-اسٽمپ جي هيٺين حصي ۾ جلد ردعمل جو ڪوڊ- اي اسٽمپ جو جاري ڪرڻ جو وقت ۽ تاريخ، اي اسٽمپ جي خريداري لاءِ بينڪ ۾ اسٽمپ ڊيوٽي جي ادائيگي جي رقم متعارف ڪرائي ويندي. قاعدن تحت هڪ وينڊر/بينڪ اصل رسيد جمع ڪرائڻ کانپوءِ اي اسٽمپ جاري ڪندو. اي اسٽمپ جي تصديق، اي اسٽمپ جي منسوخي ۽ ان جو ريفنڊ، آڊٽ ۽ معائني ڪرڻ جو طريقه ڪار تيار ٿي چڪو آهي. ڪابينا قانون جي منظوري ڏئي ڇڏي۔

پي آر سي اپليٽ باڊي
ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته غير رهائشين کي ڊوميسائيل/پي آر سي جاري ڪرڻ جي معاملي جو جائزو وٺڻ لاءِ وڏي وزير هڪ جانچ ڪميٽي جوڙي آهي. ڪميٽي معاملي جي جانچ کانپوءِ 40 لاڙڪاڻي کان 26 ڪشمور کان اپيلون ارسال ڪيون. ان ڪري وڏي وزير جي هدايت تي گهرو کاتي سنڌ پي آر سي پنج رڪني اپيليٽ ڪميٽي تجويز ڪئي جيڪا سيڪريٽري گهرو کاتو بطور چيئرمين، سيڪريٽري قانون، سيڪريٽري يونيورسٽيز اينڊ بورڊز، رجسٽرار اي ٽي سي، گهرو کاتو ۽ ايڊيشنل سيڪريٽري (جوڊيشنل) بطور ميمبرن تي ٻڌل آهي. ڪميٽي پي آر سي ڊوميسائيل خلاف اپيلن جي ٻڌڻي ڪندي. ڪابينا ڪميٽي جي منظوري ڏئي ڇڏي۔

ايف اي ٽي ايف ايڪشن پلان
سنڌ ڪابينا وفاقي حڪومت جي سفارش تي ”سنڌ وقف پراپرٽيز ايڪٽ 2020“ جيڪو اوقات ۽ زڪوات کاتي تجويز ڪيو آهي ۾ ترميم ۽ نئون قانون متعارف ڪرائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. صحت کاتي سنڌ سيزڊ ۽ منجمند سهولتون (اسپتالن ۽ ڊسپينسريز) ايڪٽ 2019، سند کاتي جي پرپوز ڪيل ڄاڻايل سنڌ ٽرسٽ ايڪٽ ۽ سنڌ سيزڊ ۽ منجهند اسنٽيٽيوشنز (مدرسا ۽ اسڪول) ايڪٽ 2019، فنانشنل ايڪشن ٽاسڪ فورس (ايف اي ٽي ايف) تحت مني لانڊرنگ ۽ دهشتگردي لاءِ مالي مدد تي ضابطو آڻڻ۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here