عزيز ميمڻ ڪيس ۾ جيڪو به ملوث آهي اهو بچي نه سگهندو چاهي اهو ڪيترو به بااثر ڇو نه هجي؛ سيد ناصرشاھ

0
248

اسٽاف رپورٽ

ڪراچي: سنڌ سرڪار ۽ صحافي تنظيمن جي اڳواڻن شهيد عزيز ميمڻ جي وارثن کي انصاف فراهم ڪرڻ جو يقين ڏياريندي چيو آهي ته شهيد جي قتل ۾ ملوث هر ڪردار کي انجام تائين پهچايو ويندو ۽ وارثن جي هر ممڪن مدد ڪئي ويندي۔ مقررن اهڙو اظهار ڪالهه ڪراچي جي نيشنل ميوزيم ۾ سنڌ جرنلسٽس ڪائونسل طرفان شهيد عزيز ۾ ميمڻ جي پهرين ورسي جي موقعي تي ڪوٺايل ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو، اطلاعات واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه شهيد عزيز ميمڻ ڪيس جي مک جوابدار جي گرفتاري لاءِ انعام جو اعلان ڪندي چيو ته گرفتاري ۾ مدد ڏيڻ وارن جو نالو راز ۾ رکيو ويندو ۽ انهن کي مناسب رقم پڻ ڏني ويندي، صوبائي وزير اطلاعات چيو ته عزيز ميمڻ جي پٽ کي ميرٽ جي بنياد تي نوڪري ڏني ويندي، هن چيو ته عزيز ميمڻ ڪيس ۾ جيڪو به ملوث آهي اهو بچي نه سگهندو چاهي اهو ڪيترو به بااثر ڇو نه هجي۔

هن چيو ته صحافين کي يقين ڏياران ٿو ته انهن تي داخل ڪوڙا ڪيس ختم ڪيا ويندا. سنڌ جي وڏي وزير صحافين تي ڪوڙا ڪيس ختم ڪرڻ لاءِ آئي جي سنڌ کي هدايتون ڏنيون هيون. هن چيو ته جنهن به صحافين تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا آهن انهن کي سزائون ملڻ گهرجن۔ هن چيو ته پيپلزپارٽي هميشه صحافت جي آزادي جي ڳالهه ڪئي آهي، چيئرمين بلاول ڀٽو زرادري شهيد عزيز ميمڻ جي ڪيس ۾ خاص هدايتون ڏنيون هيون هن چيو ته سنڌ سرڪار پروونشل پروٽيڪشن بل تي گهڻي اڳڀرائي ڪري ڇڏي آهي جلد ئي سنڌ ڪابينا مان منظور ڪرايو ويندو هن چيو ته جڏهن محنت واري کاتي جو قلمدان ان وٽ هو ته صحافين کي سيسي ۾ رجسٽرڊ ڪرائڻ جو مشورو ڏنو هو پر اڃا تائين ڪنهن به صحافي اداري ميڊيا ورڪرز کي سيسي جي تحت رجسٽرڊ ناهي ڪرايو، هن چيو ته صحافي تنظيمون ورڪرز کي سيسي ۾ رجسٽرڊ ڪرائين. انهن کي سيسي جي تحت تعليم، صحت ۽ رهائش جون سهولتون فراهم ڪنداسين۔

هن چيو ته ميڊيا هائوسز کي اربين رپيا رهتون ڏنيون آهن ۽ اسان انهن کي گذارش ڪئي هئي ته ميڊيا ورڪرن کي پگهارون وقت تي ڏين ۽ انهن کي نوڪرين مان نه ڪڍيو وڃي. هن چيو ته ڪووڊ جي دوران چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سنڌ جي وڏي وزير ۽ مونکي گهرائي صحافين کي سپورٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي هئي جنهن تي اسان ميڊيا ورڪرز جي سيلري اڪائونٽ ۾ ايڊوانس پگهارون ڏيڻ جي تجويز تيار ڪئي هئي جنهن تي قانوني رڪاوٽن جي ڪري عمل نه ٿي سگهيو. صحافين سان ڳالهائيندي ناصر شاهه چيو ته سنڌ جو وڏو وزير استعفيٰ ڇو ڏئي هو صوبي ۾ بهتري آڻي رهيو آهي مخالف ڌر جو مطالبو درست ناهي.هن چيو ته هوزيراعليٰ سنڌ سينٽ جون 10 سيٽون حاصل ڪرڻ جي نه پر 3 مارچ تي سرپرائز ڏيڻ جي ڳالهه ڪئي هئي۔ ڇا ڪاڻ ته مخالف ڌر جا پنهنجا نمائندا انهن کان ناراض آهن۔

هن چيو ته 3 مارچ تي سرپرائز ضرور ڏينداسين ۽ الله جي مهرباني سان 11 جون 11 سيٽن تي ڪاميابي حاصل ڪنداسين. سنڌ جنرلسٽس ڪائونسل جي صدر غازي جهنڊير چيو ته صحافي شهيد عزيز ميمڻ جي خاندان سان گڏ آهن چاهيون ٿا ته شهيد جي قاتلن کي ڦاهي جي ڦندي تائين پهچايون. هن چيو ته قتل ۾ ملوث ماسٽر مائينڊ مشتاق سهتو اڄ تائين گرفتار ناهي ٿيو.سنڌ سرڪار کان مطالبو ٿا ڪريون ته جوابدار گرفتار ڪري انجام تائين پهچائڻ سان گڏ شهيد صحافي جي اولاد کي روزگار فراهم ڪري هن چيو ته صحافي مشڪلاتن جو شڪار آهن. ملير پريس ڪلب جي ٽن اڳوڻن صدرن خلاف هٿ ٺوڪيا ڪيس داخل ڪيا ويا آهن۔

اهڙي ظلم خلاف سنڌ جنرلسٽ ڪائونسل 2019ع کان جدوجهد ڪري پئي صحافين خلاف دهشتگردي وارا ڪيس ۽ ٻيا ظلم برداشت نه ڪيا ويندا، هن چيو ته هو صحافت ۽ صحافين کي آزادي سان ڪم ڪرڻ ڏنو وڃي.سينيئر صحافي مظهر عباس چيو ته شهيد صحافي عزيز ميمڻ جا گرفتار نه ٿيا آهن.ان ڪيس جي وڏي پئماني تي جاچ ٿيڻ گهرجي، ڇاڪاڻ تي هڪ عزيز ميمڻ ماريو ويو آهي چاهيون ٿا ته ٻيا اهڙي عمل کان بچن۔

هن چيو ته پاڪستاني رياست جو اهو الميو آهي ته اها پنهنجي ذميواري پوري نٿي ڪري، هن چيو ته صحافي معاشي طور تي ڪمزور آهن کين 6-6 مهينا پگهارون نه پيون ملن ان طرف اختيارن کي ڌيان ڏيڻ گهرجي.ان موقعي تي صحافي اڳواڻن مهيش ڪمار، ارباب چانڊيو.رزاق سروهي، امتياز فاران،يونس مهر، خورشيد عباسي،مير ذوالفقار،دودو چانڊيو، فياض نائيچ،مير امتياز،احمد ملڪ،نواز ڏاهري، نجيب نائچ ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو ۽ صحافين کي پيش ايندڙ خطرن ۽ مسئلن تي تفصيلي روشني وڌي۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here