قمبر جي برک بي باک ۽ دلير صحافي مرحوم ڪامريڊ دائود سيال جي ايثال ثواب لاءِ پريس ڪلب ۾ قرآن خواني ۽ خيرات جو انتظام ڪيو ويو

0
134

قمبر- رپورٽ قاضي نياز حسينقمبر- جي برک بي باک ۽ دلير صحافي مرحوم ڪامريڊ دائود سيال جي ايثال ثواب لاءِ پريس ڪلب ۾ قرآن خواني ۽ خيرات جو انتظام ڪيو ويو جنهن ۾ ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي مختلف پريس ڪلب کان صحافين ۽ سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن ۽ شهرين شرڪت ڪئي ان موقعي تي ڪامريڊ دائود سيال جي(زندگي تاريخ جي آئيني ۾) جي عنوان هيٺ هڪ گڏجاڻي پڻ ڪوٺائي وئي جنهن کي پريس ڪلب قمبر جي صدر حاجي مولا بخش مغيري عبدالرحيم منگي،حاڪم خاصخيلي،مير مٺل کوسو،محمود شيخ، منظور چانڊيو، الطاف بروهي،طفيل احمد چانڊيو،نثار احمد ٻرڙو،امان الله چانڊيو،احمد علي ٻرڙو،عبدالقيوم،فهيم جاگراڻي،محمد پريل چانڊيو،عبدالباسط ميمڻ،عرفان گوپانگ،اخلاق چانڊيو،۽ ڊاڪٽر اقبال يوسف بروهي،مزدور اڳواڻ زوار گوپانگ،لالا واجد گوپانگ،ٻين چيو ته ڪامريڊ دائود سيال گهڻ رخي شخصيت جو مالڪ هيو جيڪو مزدورن ۽ هارين جو اڳواڻ هو ۽ سياسي هلچل جو سرواڻ هو هن پنهنجي سڄي زندگي ايمانداري سان صحافتي لڏي سان نڀائيندي غريبن جي آواز کي اعلي اعوانن تائين پهچايو هنن وڌيڪ چيو ته ڪامريڊ جي اوچتي وڇوڙي قمبر جي صحافت لڏي ۾ وڏو خال پيدا ڪيو آهي جنهن جو تڪڙو ڀرڻ مشڪل آهي،پرگرام۾وڳڻ،پکو،لالورائنڪ ۽ شهر جي صحافين علي گل مغيري.عبدالوحيد ميئو،بدرالدين،ڪامران تنيو ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here