سنڌ جي مختلف ساحلي علائقن ۾ 2 ارب کان وڌيڪ مينگروز جا وڻ پوکي ڇڏيا آھن. ناصر شاھ

0
232

ڪراچي: صوبائي وزير ناصر حسين شاھھ چيو آھي تہ سنڌ جي مختلف ساحلي علائقن ۾ 2 ارب کان وڌيڪ مينگروز جا وڻ لڳائي ڇڏيا آھن، جن کي ملڪي تاريخ ۾ پھريون ڀيرو ڪمپيوٽرائزڊ ڪيو ويو آھي۔

اھڙن خيالن جو اظھار ان ڪيٽي بندر جي دوري بعد ڪراچي ۾ ڪيو، ان موقعي تي ناصر شاھھ چيو تھ وڏي پيماني تي مينگروز جي شجر ڪاري سنڌ حڪومت جو اھم قدم آھي۔

ھن چيو تھ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ھدايتون ڪيون آھن تھ سنڌ ۾ گھڻي کان گھڻا مينگروز وڻ پوکيا وڃن۔ ھن اھو بھ چيو تھ سنڌ حڪومت ساحلي علائقن جي رھواسين لاءِ تعليم ، صحت ۽ روزگار ڏيڻ کي ترجيح ڏئي رھي آھي۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here