لاڙڪاڻي ۾ پوليس اهلڪارن پاران مبينا ٻه ناريون بليڪ ميل ۽ گينگ ريپ جو شڪار

0
384

لاڙڪاڻو (رپورٽ : غلام مهدي لنڊ): لاڙڪاڻي ۾ پوليس اهلڪارن پاران مبينا طور تي ٻه ناريون بليڪ ميلنگ ۽ گينگ ريپ جو شڪار، ايس ايس پي لاڙڪاڻو مسعود بنگش نوٽيس وٺندي ايس پي هيڊ ڪوارٽر محمد ڪليم ملڪ کي انڪوائري آفيسر مقرر ڪري ڇڏيو۔

تفصيل مطابق لاڙڪاڻي شهر جي چانڊڪا پل رائيس ڪئنال روڊ واري علائقي جي رهواسين طرفان رحمت پور پوليس خلاف ايس ايس پي چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، جتي مظاهرين پاران پوليس خلاف سخت نعريبازي پڻ ڪئي وئي۔

ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ فدا حسين ڀٽو پنهنجي مائٽن ديدار ڀٽو، ذوالفقار، ممتاز ڀٽو، بابر ڀٽو ۽ ٻين سان گڏجي صحافين دانهيو ته لاڙڪاڻي ۾ اسڪولي شاگردياڻين کي بليڪ ميل ڪري سندن جون تصويرون ڪڍڻ سان گڏ کين ويڊيو ڀري بليڪ ميل ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته منهنجي 15 سالن جي ڌيءَ ميٽرڪ جي شاگردياڻي مومل کي حمير شيخ سندس سئوٽ سمير پنهنجي پوليس اي ايس آءِ دوست مهراڻ جتوئي، مرتضي لاشاري ۽ اسلم ميراڻي سان گڏجي بليڪ ميل ڪري تصويرون ڪڍي ويڊيو رڪارڊ ڪري گذريل ٽن مهينن کان بليڪ ميل ڪندا هئا۔

جڏهن ته 6 ڊسمبر ثقافتي ڏهاڙي جي موقعي تي منهنجي ڌيءَ مومل گورنمينٽ گرلز هاءِ اسڪول لاھوري محلا ۾ ڪوٺايل ثقافتي تقريب ۾ شرڪت ڪرڻ وئي، جتان جوابدارن کيس اغوا ڪري اجتماعي جنسي ڏاڍائي جو نشانو بڻائي کيس دڙي محلا جي نوجوان سمير شيخ جي گهر ۾ قيد ڪيو جتي جوابدارن ڌيءَ جي سهيلي اقصي کي فون ڪري سندن وٽ اچڻ جو چيو انڪار تي جوابدارن کيس قتل جون ڌمڪيون ڏنيون ۽ اقصي جي لاءِ رات 12 وڳي آيا جنهن تي اسان پوليس کي ٻڌايو پوليس اي ايس آءِ مهراڻ جتوئي، حمير ۽ اسلم ميراڻي کي گرفتار ڪيو جن مان اي ايس آءِ مهراڻ ۽ حمير کي ايس ايڇ او رحمت پور امداد شر رشوت وٺي آزاد ڪري ڇڏيو۔

اهڙي ڏانهن ايس پي هيڊڪوارٽر محمد ڪليم ملڪ کي ڏني جنهن ڌيءَ مومل کي آزاد ڪرايو، هن چيو ته ان سڄي گينگ ۾ پوليس جا آفيسر پڻ ملوث آهن، جنهن ڪري خدشو آهي ته اسان کي انصاف نه ملندو. اسين آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻو کي اپيل ٿا ڪيون ته گينگ ۾ ملوث سمورن جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي۔.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here