ڏوڪريءَ ۾ نيب عملدارن شهر اندر وزٽ ڪري ٿيل ترقياتي ڪمن جو جائزو ورتو

0
266

ڏوڪري: رپورٽ قاضي فريد

ڏوڪريءَ ۾ نيب عملدارن شهر اندر ٿيل ترقياتي ڪمن جو وزٽ ڪري جائزو ورتو، نيشنل اڪائونٽبلٽي بيورو سکر جي ڊائريڪٽر امتياز علي رُڪ ۽ ٻين عملدارن ڏوڪري پهچي ٽائون ۾ چار سالن اندر ٿيل ترقياتي ڪمن جو جائزو ورتو۔

وزٽ دوران نيب آفيسر ۽ ٻين عملدارن شهر جي مختلف پاڙن ۽ علائقن ۾ وڃي نالين، گهٽين ۾ ٿيل سي سي بلاڪ ۽ ٻين ڪمن جو جائزو ورتو۔ نيب عملدارن عام شهرين کان ڊرينج سسٽم جي صفائي سٿرائي ۽ اوور فلو ٿيڻ بابت پڇا ڳاڇا ڪئي۔

ان موقعي تي ڏوڪري ٽائون جي ملازمن ۽ ٺيڪيدارن کي پڻ گهرائي ڄاڻ ورتي وئي، وزٽ دوران ڏوڪري ٽائون جو انجنيئر، پبلڪ هيلٿ جو انجنيئر، سب انجنيئر ۽ ٻيا لاڳاپيل عملدارن ساڻ هئا۔ ٻئي طرف صحافين پاران سوال پڇڻ تي نيب عملدارن ڳالهائڻ کان انڪار ڪيو۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here