سالن مٿان زبردستي زال کي نڪاح مٿان نڪاح ڪرائي پرڻائڻ جو الزام، انصاف جي گهر

0
201

ڏوڪري: ڏوڪريءَ جي بٺ شاخ پاڙي جي رهواسي جو پنهنجي سالَن خلاف ٽن نياڻين ۽ پٽن سميت احتجاج، سالَن مٿان زبردستي زال کي نڪاح مٿان نڪاح ڪرائي پرڻائڻ جو الزام انصاف جي گهر، ڏوڪري جي بٺ شاخ پاڙي جي رهواسي حافظ پيرل چانڊئي پنهنجي 3 معصوم نياڻين ۽ پٽن سميت احتجاج ڪيو۔ انهيءَ موقعي تي ھن چيو ته منهنجي زال مسمات سھڻي عيد کان اڳ نصير آباد لڳ چانڊيا ڳوٺ ۾ پنهنجي ڀائرن مشتاق چانڊئي، ارشاد، خادم چانڊئي وٽ شادي تي وئي جنهن سان گڏ 3 سالن جي منهجي نياڻي به ھئي.جنهن کانپوءِ منهنجي سالن ۽ مائٽن ميهر چانڊيو ۽ سڪندر زوري زبردستي ڪري 3 لکن عيوض منهنجي زال جو غير شرعي طور نڪاح مٿان نڪاح ڪرائي نصيرآباد لڳ سم ڳوٺ ۾ شادي ڪرائي ڇڏي آهي۔

ھن چيو ته مان پنهنجي زال کي طلاق به ناهي ڏني مونکي 4 نياڻيون ۽ 4 پٽ آهن، جڏهن منهنجي سالن کان پنهنجي زال جي گهر ڪئي ته منهنجي سالن ۽ سندن مائٽن مونکي موتمار ڌمڪيون ڏيندي چيو تہ اگر ڪنهن کي دانهن ڏني تہ اولاد سميت موت ڏئي ڇڏيندا، هن چيو ته مان مان ھڪ غريب مسڪين ماڻهو آهيان مون سان ظلم ٿيو آهي. هن وزيراعظم، سنڌ جي وڏي وزير، آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو، ايس ايس پي لاڙڪاڻو سميت وس وارن کي اپيل ڪئي ته غير شرعي طور نڪاح مٿان نڪاح ڪرائيندڙ منهنجي سالن ۽ انهن جي مدد گارن کي گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here