بيواه عورت جو باڊھ ٽائون ڪميٽي انتظاميا خلاف احتجاج

0
181

ڏوڪري رپورٽر

ڏوڪري ۾ بيواه عورت جو باڊھ ٽائون ڪميٽي انتظاميا خلاف احتجاج، مڙس جي پينشن ۽ ٻيون رهتون نه ڏيڻ جا الزام تفصيل موجب ڏوڪري ڀرسان ڳوٺ ٻلھڙيجي جي رهواسڻ بيواه عورت مسمات راڄ مائي زال اقبال ملاح باڊھ ٽائون ڪميٽي انتظاميا خلاف احتجاج ڪندي مڙس جي پينشن ۽ ٻيون رهتون ڏيڻ جو مطالبو ڪيو آهي ان ڏس ۾ مسمات راڄ مائي پنهنجي والد علي بخش ملاح سان گڏ ميڊيا جي نمائندن آڏو دانهيندي ٻڌايو ته سندس مڙس اقبال ملاح باڊھ ٽائون ڪميٽي جو ملازم هو جيڪو هيپاٽائيٽس سبب 2 سال اڳ گذاري ويو آهي پر هيترو عرصو گذري وڃڻ باوجود هن وقت تائين ٽائون انتظاميا مڙس جي پينشن ۽ ٻيون رهتون نه ڏئي سگهي آهي اسان کي بنا جواز رلايو پيو وڃي سکڻا دلاسا ڏنا پيا وڃن اسان تڪ جي چونڊيل نمائندن آڏو به دانهيو آهي پر ڪو داد فرياد نه ٿيو آهي۔

ٽائون چيئرمين ۽ ٽائون آفيسر ڪوڙا دلاسا ڏيندا رهيا پر مسئلو حل ڪيو هن وڌيڪ ٻڌايو ته منهجو مڙس فوت ٿي ويو آهي منهنجو 10 ورهين جو پٽ به بيماري سبب گذريل هفتي گذاري ويو آهي جڏهن ته منهنجو 8 ورهين جو پٽ سيف علي به ڳالهائڻ ٻولهائڻ کان معذور آهي گونگو آهي مان پاڻ به بيمار آهيان گهر ۾ ڦاڪا ڪشي جو عالم آهي بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهيون اسان سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، مڪاني ادارن جي صوبائي وزير سيڪريٽري ۽ ٻين اختيارين کي اپيل ٿا ڪيون ته بنا دير نوٽيس وٺي مونکي منھنجي مڙس جو حق ڏياريو وڃي ٻي صورت ۾ مان باھ ڏئي پاڻ ساڙي ڇڏينديس۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here