بوائز پرائمري اسڪول جي ھيڊ ماستر سينئر استاد جي رٽائرمنٽ جي حوالي سان الوداعي تقريب منقد ڪئي وئي

0
250

رپوٽ حسن علي مغيري

وڳڻ ڀرسان ڳوٺ ڀولا ڪلهوڙا جي بوائز پرائمري اسڪول جي ھيڊ ماستر سئنير استاد ھدايت الله مغيري جي رٽائرمنٽ جي حوالي سان الوداعي تقريب منقد ڪئي وئي، جنهن ۾ سڄي ضلعي جي مختلف اسڪولن جي استادن ۽ پ ٽ الف ضلعي قمبر شھدادڪوٽ جي جنرل سيڪريٽري عبدالمجيد سومرو۔ محمد رمضان مغيري ۽ استادن مير الطاف بروھي ۔نصير احمد مغيري، عبدالشڪور تنيو، عبدالفتاح نائچ، اعتبار علي پنهور ۽ سماجي اڳواڻن ڊاڪٽر نظير مغيري، نادر علي مغيري، امداد علي مغيري پڻ شرڪت ڪئي۔

الوداعي تقريب جي شروعات قرآن پاڪ جي تعلاوت سان ڪئي وئي مختلف اسڪولن جي استادن گلن جي ورکا ڪري اجرڪ ۽ ٽوپي جو طوفو پڻ پيش ڪيو اڳواڻن خطاب ڪندي چيو تہ سائين هدايت الله مغيري پهنجي زندگي جا 60 سال مڪمل ڪري هن وقت رٽائر ٿي ويو ۽ 42 سال تعليم کاتي کي ڏنو سائين هدايت الله جڏھن 18 سالن جو ٿيو ته ان کي تعليم کاتي ۾ استاد طور ڀرتي ڪيو ويو هيو۔

سائين هدايت الله مغيري وڌيڪ اهيو به چيو ته منهنجي جتي به بدلي ٿيندي هئي مان انه اسڪول کي پهنجي ڳوٺ جو اسڪول سمجهي ڊيوٽي ڪندو هئس ۽ اتان جا ماڻھو به تمام گهڻو تعاون ڪندا هئا مان ڪڏهن ڪنهن آفيسر کي ائين ڪون چيو هوندو ته منهنجي بدلي هن اسڪول ۾ نہ ڪيو ٻئي اسڪول ۾ ڪيو۔

اسان ملازم آھيون ۽ جتي ڊيوٽي لڳي اتي سچائي سان ڊيوٽي ڪيون استاد اهو پيشو آھي جيڪو پئي ۽ ما۽ وانگر آھي ۽ شاگرد استاد جي لا۽ پهنجي اولاد وانگر هوندو آھي جئين پئي ما۽ پهنجي اولاد تہ محنت ڪندا آھن اسان استادن کي به ائين ئي پهنجي شاگردن تي محنت ڪرڻ گهرجي۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here