لعلورائنڪ بوائز هاءِ اسڪول ۾ استادن طرفان عشق مصطفٰي جي محفل منعقد

0
158

لعلورائنڪ رپورٽر: روشن علي مغيري

لعلورائنڪ بوائز هاءِ اسڪول ۾ استادن طرفان عشق مصطفٰي صلعم جي محفل منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ استادن ۽ شاگردن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي ۽ ٻين اسڪولن جي استادن پڻ شرڪت ڪئي، پروگرام جو آغاز ڪلام پاڪ جي تلاوت سان ڪيو۔

عشق مصطفا جي عنوان هيٺ پروگرام ۾ تلاوت، نعتن ۽ تقريرن جا مقابلا ٿيا جنهن ۾ اسڪول جي شاگردن وڏي شوق سان حصو ورتو. عشق ۽ عقديت منجهان ڪلام پاڪ جي تلاوت ڪئي نعتون پڙهيون ۽ جذباتي انداز ۾ تقريرون ڪيون ۽ هال ۾ ويٺل استادن ۽ شاگردن کان تاڙين جي صورت ۾ داد وصول ڪيو۔

ان کان بعد استادن حضور اڪرم صلي الله عليه وسلم جن جي ذندگي مبارڪ تي روشني وڌي هنن چيو ته هر اسڪول ۾ اھڙا اسلامي پرگرام منعقد ٿيڻ گهرجن ان لاءِ ته جيئن شاگردن کي دين اسلام بابت ڄاڻ ملي اسين مسلمان آهيون تنهن ڪري ٻارن کي عشق نبي مطعلق ٻڌائجي ته جيئن انهن جي دلين ۾ عشق دنبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن جي سڪ وڌي۔

پروگرام جي آخر ۾ سٺي ڪارڪردگي پيش ڪندڙ شاگردن ۾ شيلڊون ورهايون ۽ بهترين ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ استادن ۾ به شيلڊون ورهايون ٻاهران ڪهي آيل استادن جي هٿان هائ اسڪول لعلورائنڪ جي استادن شيلڊون حاصل ڪيون۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here