ڏوڪريءَ ۾ پنجن ورهين جي نينگريءَ سان جنسي ڏاڍائي ڪندڙ جوابدار مٿان ڪيس داخل

0
207

ڏوڪري: ڏوڪريءَ ۾ پنجن ورهين جي نينگريءَ سان جنسي ڏاڍائي ڪندڙ جوابدار مٿان ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. ڏوڪريءَ جي ٿهيم پاڙي جي رهواسي پورهيت نياز علي ڪلهوڙي ڏوڪري ٿاڻي تي پهچي دڪاندار سيد سهڻو شاهه مٿان سندس پنجن ورهين جي نينگريءَ سان جنسي ڏاڍائي ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪرايو، جنسي ڏاڍائي جو نشانو بڻيل نينگريءَ جي والد ڏوڪري پريس ڪلب پهچي صحافين کي ٻڌايو ته پاڙي جي دڪاندار سيد سهڻو شاهه 3 ڏينهن اڳ سندس پنجن ورهين جي نياڻيءَ کي جنسي ڏاڍائيءَ جو نشانو بڻايو۔

هن چيو ته ڪجھ ڏينهن کان نينگري سخت تڪليف ۾ گذاري رهي هئي جنهن بعد اڄ هڪ ليڊي ڊاڪٽر کي ڏيکاريو ته هن ساڻس جنسي ڏاڍائي ٿيڻ جي تصديق ڪئي، ڏوڪري پوليس واقعي جي اين سي داخل ڪرڻ بعد متاثر نينگريءَ جو ميڊيڪل چيڪ اپ ڪرائڻ لاءِ ليٽر جاري ڪري اسپتال اماڻي ڇڏيو آهي. ٻئي طرف الزام هيٺ آيل جوابدار گهر کي تالو هڻي ڀاتين سميت فرار ٿي ويو آهي۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here