پي ٽي آئي ڇڏڻ جو سبب رڳو سنڌ جو مفاد آھي، شفقت حسين انڙ

0
153

اسٽاف رپورٽر

ڪراچي: پاڪستان تحريڪ انصاف کي خدا حافظ چئي، پاڪستان پيپلزپارٽي ۾ شموليت اختيار ڪندڙ لاڙڪاڻي ضلعي جي با اثر سياستدان شفقت حسين انڙ، وڊيو نيوز سروس سان ڳالھائيندي چيو آھي تہ اسان کي اھو خواب خيال بہ نہ ھو تہ پي ٽي آئي اقتدار ۾ اچي سنڌ جي وسيلن ۽ معدنيات تي ائين قبضو ڪرائيندي۔ ھن چيو تہ پيپلزپارٽي ۾ شموليت رڳو اقتدار لاءِ ناھي ڪئي، ائين تہ پي ٽي آئي مرڪز ۽ ٽن صوبن ۾ اقتدار رکي ٿي۔

مرڪز ۾ اقتداري پارٽي ڇڏڻ جو سبب سنڌ جا مفاد آھن، مون علي آباد ۾ پي ٽي آئي جو جلسو ان وقت ڪرايو ھو جڏھن عمران خان اقتدار ۾ نہ ھو، شفقت حسين انڙ چيو تہ سڀ کان پھريون سنڌ آھي۔ ان تي ڪنھن کي بہ قابض ٿيڻ نہ ڏينداسين، پي ٽي آئي کان ڪا ذاتي شڪايت نہ آھي، شڪايت آھي تہ فقط سنڌ جي مفادن جي خلاف ڪم ڪرڻ جي۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here