ٿرپارڪر جي معيشت ۾ مال متاء ڪرنگھي جي ھڏي جي حيثيت رکن ٿا، ڊي سي ٿرپارڪر

0
363

مٺي (جنيد آزاد): ڊپٽي ڪمشنر ٿرپارڪر محمد نواز سوھو چيو آهي ته ٿرپارڪر جي معيشت ۾ مال متاء ڪرنگھي جي ھڏي جي حيثيت رکن ٿا انھي لا۽ ٿرپارڪر ۾ جانورن کي بيمارين کان بچائڻ لا۽ لائيواسٽاڪ کاتي کي خصوصي ھدايات ڏنيون آھي ته جانورن کي بيمارين کان بچائڻ لا۽ ويڪسين ۽ بيمار جانورن جو علاج ڪري انهن کي صحت مند بڻايو وڃي ـ

ايڊيشنل ڊائريڪٽر لائيو اسٽاڪ ڊاڪٽر نوبت خان کوسو ٻڌايو آهي ته ڊپٽي ڪمشنر محمد نواز سوسو جي ھدايت مطابق ٿرپارڪر جي ڏورانھن علائقن ۾ وٽنري ڪيمپ قائم ڪري روزانو جي بنياد تي جانورن کي بيمارين کان بچائڻ لا۽ ويڪسين ۽ بيمار جانورن جو علاج ڪيو پيو وڃي ـ

ھن وقت تائين وٽنري ڪيمپ قائم ڪري ٿرپارڪر جي مختلف تعلقن ۾ 5 لک 89 ھزار 402 جانورن کي بيمارين کان محفوظ بڻائڻ لا۽ ويڪيسن ڪيئ وئي آهي- 16018 بيمار جانورن جو علاج ڪيو آهي ۽ 1 لک 6 ھزار 75 جانورن کي ڊرينچنگ ڪيئ ويئي آهي انھي کان علاوھ ڪيمپ قائم ڪري جانورن جي ويڪسين ۽ علاج جو ڪم روزانو جي بنياد تي جاري آهي ـ

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here