ڊي سي لاڙڪاڻو اوچتو ڏوڪري پھچي ويو

0
207

ڏوڪري جي تعلقي اسپتال ۾ مريضن جون ليڊي ڊاڪٽر نہ ھجڻ جون دانهون

ڏوڪري: ڊي سي لاڙڪاڻو اوچتو ڏوڪري پھچي ويو،ڏوڪري جي تعلقي اسپتال ۾ مريضن جون ليڊي ڊاڪٽر نہ ھجڻ جون دانهون، مختيارڪار آفيس سميت شهر جو دورو شهر صفائي سٿرائي تي ٽي ايم او تي ڪاوڙ، شهر ۾ ٿيل غير قانوني حد دخليون ھٽايون وڃن ڊي سي طارق منظور چانڊيو۔

تفصيل موجب ڊي سي لاڙڪاڻو طارق منظور چانڊيو اوچتو ڏوڪري پھچي ويو، ڏوڪري مختيار ڪار آفيس پھچي مختيارڪار عبدالغني پتافي ۽ روينيو عملو ساڻ ڪري ڏوڪري شهر جو دورو ڪيو جتي صفائي سٿرائي نہ ٿيڻ تي ٽي ايم سڪندر ڀٽي کي ڇنڊ پٽي ۽ شهر ۾ ٿيل غير قانوني حد دخليون ھٽائڻ جو حڪم ڏنو، جنهن بعد بعد ڏوڪري جي تعلقي اسپتال جي دوري دوران مريضن پاران ليڊي ڊاڪٽر نہ ھئڻ جون شڪايتون ڪيون ۽ اسپتال ۾ صفائي سٿرائي جون ھدايتون ڏنيون۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here