قمبر ۾ جميعت علماء اسلام طرفان هاري ۽ آبادگار ڪانفرنس

0
207

رپورٽ قاضي نياز حسين

قمبر ۾ جميعت علماء اسلام طرفان هاري ۽ آبادگار ڪانفرنس جو پروگرام ٿي گذريو، ڪانفرنس کي مولانا مير حسن بروهي، مولانا گل انقلابي، مولانا عبدرزاق عابد لاکو، مولانا عزير گل جاگيراڻي، مولانا محمد صديق مغيري ۽ ٻين خطاب ڪيو، جنهن ۾ هيٺيون قرارداد منظور ڪيون ويون، سنڌ ۾ زراعت مٿان ناجائز ڪٽوتيون ڪرڻ، زرعي جنسن جا گهٽ ريٽ ملڻ، نقلي دوائون، نقلي ٻج ۽ ڀاڻ سبب، هاري آبادگار معاشي طور تباھ ٿي ويا آهن۔

جڏهن تہ ٻن سالن کان وٺي سرڪار جي بي ڌياني ۽ لاپرواهي سبب هاري مسڪين فاقا ڪشي واري زندگي گذاري رهيو آهي، ان لاءِ اسين جميعت علماء اسلام طرفان هاري آبادگار ڪانفرنس ڪوٺائي سرڪار کان مطالبو ٿا ڪريون تہ تہ زرعي جنسن جا ريٽ مقرر ڪري هارين کي معاشي بدحالي کان بچايو وڃي، هڪ ٽريڪٽر تي 3 کان 5 مڻ ڪٽوتي حرام آهي، سارين جو 2000 مڻ مقرر ڪيو ويو وڃي، هارين کي ٻج ۽ ڀاڻ مفت فراھم ڪيو وڃي، ٻوڏ ۾ ڊهي ويل هارين جي گهرن ٺاهيو وڃي ۽ هارين کي بغير وياج جي قرض ڏنا وڃن تہ هو پنهنجي زندگي سڪون ۽ آرام سان گذاري سگهي، هاري جيڪو کيڙي تيار ڪري اناج اسان ۽ توهان تائين پهچائي ٿو۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here