ڏوڪري: قاضي فريد
ڏوڪري ۾ قائم فيش فارم تي سرڪاري مڇي جو ٻج وڪرو ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، ڏوڪري جي سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن ۾ تاءُ پکڙجي ويو آهي۔ ان ڏس ۾ گذريل ڏينهن هتان جي سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن ريحان احمد، عابد علي، محسن ۽ ٻين ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي چيو ته سرڪاري فيش فارم جو ٻج سرڪاري ملازم بدران خانگي ماڻهو ڪري رهيا آهن جنهن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا۔
هنن مطالبو ڪندي چيو ته سرڪاري مڇي جو ٻج عام ماڻهو جي وڪرو ڪرڻ تي پابندي لڳائي وڃي ٻئي صورت ۾ وڌيڪ احتجاج ڪيو ويندو هوڏانهن فيش فارم جي انچارج اياز ڀٽو خانگي ماڻهو پاران سرڪاري ٻج وڪرو ڪرڻ جا الزام رد ڪندي چيو آهي ته اسان جي اداري مان ڪنهن به خانگي ماڻهو سرڪاري ٻج وڪرو ناهي ڪيو الزام اجايا آهن. هن چيو ته گذريل ٻن سالن کان ڏوڪري فيش فارم تي انچارج جو آهيان ڪو به خانگي ماڻهو مڇي جو ٻج وڪرو نه ٿو ڪري سگهي۔