عمرڪوٽ (رپورٽ اي بي آريسر) عمرڪوٽ ۾ وڌيڪ 66 ڄڻن کي ڪورونا وائرس هجڻ جي تصديق، انگ 246 ٿي ويو. خبر موجب عمرڪوٽ ضلعي ۾ ڪورونا وائرس تي ظابطو نه اچي سگھيو آھي ۽ نوان 66 ڪيس ظاھر ٿيا آھن جنھن بعد ضلعي ۾ ڪورونا متاثرن جو انگ صحت کاتي موجب 246 کان وڌي ويو آھي ڪورونا متاثر مريضن ۾ 60 ماڻھو صحتياب ٿي چڪا آھن جڏھن ته ضلعي ۾ ھيل تائين ظاھر ٿيندڙ ڪيسن دوران 180 کان وڌيڪ آئسوليٽ جڏھن ته 2 ڄڻا اڳ ئي فوت ٿي چڪا آھن تنھن باوجود به عمرڪوٽ ضلعي ۾ انتظاميه عوام کي ايس او پيز تي عمل ڪرائڻ جو پابند نه بڻائي سگھي آھي