سڪرنڊ (رپورٽ گل محمد ملاح)
توحيد فائونڊيشن طرفان عالم انسانيت سان يڪجهتي طور قدرتي وسيلن جي حفاظت جو عالمي ڏينهن گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول تڳيو ڀٽو سر زمين سنڌ ۾ وڻ ٻوٽا پوکي نهايت ئي جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو .توحيد فائونڊيشن جي چيئرمين خير محمد لاکو چيوته ڌرتي کي جيجل ماءۡ جو درجو حاصل آھي انهي ۾ موجود سمورن قدرتي وسيلن جي مالڪي ۽ حفاظت ڪرڻ اسان سڀني جو فرض آھي ، هن ماحول دوست سرگرميء ۾ جسقم اڳواڻ غوث علي ڪيريو، عبدالرشيد لاکو، ضامن علي، ڪامران علي، حسنين علي، شهباز، مير علي، سجاد علي ۽ اسڪول جي شاگردن ڀرپور حصو ورتو۔