نئين سال جي پهرئين ڏينهن وڏي وزير جا طوفاني دورا

0
82

وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪراچي ۾ جاري ترقياتي ڪمن جو جائزو ورتو، جنهن دوران صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ، ناصر حسين شاهه ۽ مرتضيٰ وهاب به ساڻس گڏ هئا.
وڏي وزير ملير ايڪسپريس وي سٽي اسڪول چيپٽر جي مقام تي ڪم جو جائزو ورتو جڏهن ته گلستان جوهر فلاءِ اوور جو به دورو ڪيائين.
ان موقعي تي وڏي وزير جو چوڻ هو ته بي آر ٽي ريڊ لائين پروجيڪٽ جو ڪم تيز ڪيو آهي، جڏهن ته گلستان جوهر فلائي اوور پروجيڪٽ تي ڪم تيزي سان جاري آهي.
هن چيو ته گلستان جوهر فلائي اوور 23 مارچ تائين مڪمل ٿيڻ گهرجي، انجنيئرن واعدو ڪيو آهي ته 23 مارچ تائين مڪمل ٿي ويند
هن چيو ته 20 لک گهرن جي سروي ڪئي وئي آهي، جڏهن ته 95 سيڪڙو علائقن مان پاڻي نيڪال ڪرايو آهي.


وڏي وزير موجب خيرپور، ٺري ميرواهه، ٽالپر وڏا ۽ ٻين علائقن ۾ اڃا به پاڻي بيٺل آهي، دادو ميهڙ، ڪي اين شاهه سميت ٻين علائقن ۾ پاڻي نيڪال ۾ ڏکيائيون پيش اچي رهيو آهن.
وڏي وزير موجب پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ٻوڏ متاثر علائقن جو دورو ڪندو، اسان برسات متاثرن کي گهر ٺاهي ڏيڻ ۾ مدد ڪنداسين.
ڪراچي جي صورتحال تي ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته ڪراچي مان ڀتا خوري ختم ٿي چڪي آهي جڏهن ته هاڻي شهر کي ڪير به بند نٿو ڪرائي سگهي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here