ڏوڪري: ڏوڪريءَ ڪچي واري علائقي ۾ پوليس هڪ ڪارروائي ڪري 3 ڏوهارين کي هٿيارن سميت گرفتار ڪرڻ جي دعوي ڪئي آهي. لاڙڪاڻي جي ايس ايس پي عمران قريشي ڏوڪريءَ ۾ هڪ پريس ڪانفرنس ڪندي صحافين کي ٻڌايو ته فتح پور ٿاڻي جي پوليس هڪ ڪارروائيءَ دوران مختلف ڪيسن ۾ گهربل 3 ڏوهارين کي گرفتار ڪري ورتو آهي۔
ايس ايس پي ٻڌايو ته پوليس هڪ ڳجهو اطلاع مليو جنهن بعد ڪچي واري علائقي ۾ محبڻ شاھ جي مزار ويجهو ڳوٺ امام بخش جماليءَ ۾ فتح پور پوليس ڪارروائي ڪئي. هن جو چوڻ هو ته ڪارروائيءَ دوران پوليس مختلف ٿاڻن تي ڪيترن ئي ڪيسن ۾ گهربل ڏوهاري ارباب علي جمالي، رفيق علي جمالي ۽ طالب جماليءَ کي گرفتار ڪيو. ايس ايس پي وڌيڪ ٻڌايو ته گرفتار ٿيل ڏوهارين وٽان 2 ڪلاشنڪوف ۽ هڪ ٿري ناٽ ٿري هٿيار پڻ هٿ ڪيا ويا آهن. ان موقعي ايس ايس پي عمران قريشي ڪارروائيءَ ۾ حصو وٺندڙ اهلڪارن کي شاباس ڏني ۽ کين ڪيش انعام پڻ ڏنو۔