وڳڻ شهر جو رهواسي 18 سالا نوجوان عورتاڻي آواز تي هرکجي اغوا

0
201

وڳــــــڻ وي اين ايس نــــــيوز
رپورٽر حسن علي مغيري

وڳڻ شهر جو رهواسي 18 سالا نوجوان عامر علي مرکنڊ عورتاڻي آواز تي هرکجي اغوا ٿي ويو آهي نوجوان جي وارثن وڳڻ شهر جي مين مک چئونڪ تي صحافين کي ٻڌايو ته اسان تمام غريب آھيون محنت مزدوري ڪري پيٽ پاليندا آھيون۔

نوجوان کي هر روز هڪ نئي نمبر تان ڪال ايندي هئي ۽ هو ان سان رابطو ڪندو هيو 4 ڏينهن اڳ نوجوان گهران نڪتو ۽ واپس ڪون موٽيو آهي اسان کي هڪ نئي نمبر تان ڪال آئي ۽ انهن چيو ته توهان اسان کي 30 لک روپيا ڀنگ ڏيو ته توهان جي نوجوان کي آزاد ڪنداسين۔

نه ته هن نوجوان جو لاش اوهان کي ملندو نوجوان عامر علي مرکنڊ جي پيرسن امڙ مسمات اشرف خاتون ۔ ڀا۽ صدام مرکنڊ، عمران مرکنڊ، سڪندر ٽوٽاڻي، ممتاز تيوڻو، سماجي اڳواڻ ممتاز علي وڳڻ ۽ ٻين نوجوان جي آزادي لا۽ سنڌ سرڪار کان آ۽ جي سنڌ، ڊي آ۽ جي لاڙڪاڻو کان ۽ ايس ايس پي قمبر کان اپيل ڪندي مطالبو ڪيو آهي ته خدا واسطي نوجوان جي آزادي لا۽ مدد ڪئي وڃي ياد رهي تہ وارثن پاران نوجوان جي اغوا بابت حد جي ٿاڻي تہ اين سي به داخل ڪرائي آھي پر هن وقت تائين پوليس سندس نوجوان کي آزاد ڪرائڻ لا۽ ڪي به قدم ناهن کنيا۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here