قمبر رپورٽ قاضي نياز حسين
قمبر ۾ امن امان جي صورتحال انتهائي خراب ٿي وئي ڏينهن ڏٺي جو ٿاڻي جي سامهون پورهيت وزير علي شيخ،وڪيل احمد شيخ جي گهر ۾ ڦر جو واقعو مزاحمت دوران ڦورن گهر ۾ موجود پيرسن عورت اقبال خاتون کي سخت تشدد جو نشانو بڻائي گهر ۾ پيل قيمتي سامان کڻي فرار ٿي ويا زخمي عورت کي لاڙڪاڻي جي اسپتال نيو پئي ويو ته رستي ۾ عورت دم ڌڻي حوالي ڪيو جڏهن ته اهڙي واقعي هنڌ شهر جا سياسي سماجي اڳواڻ محمد علي هڪڙو ۽ پ پ ايم پي اي جو پرسنل سيڪريٽري مقصود احمد ميمڻ مير ھمايون خان مغيري ۽ ٻيا پهچي ويا جڏهن واقعي جو ڪيس هن وقت تائين داخل ناهي ٿي سگهيو نه جوابدار گرفتار ٿي سگهيا۔