ڪراچي جي ڪهڙن علائقن ۾ مڪمل لاڪ ڊائون لاڳو هوندو…؟ تفصيلي خبر پڙهندا

0
147

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ عالمي وبا ڪورونا وائرس جي پکڙجڻ جي ڪري هاٽ اسپاٽس جي نشاندهي کان پوءِ شهر جي سمورن 6 ضلعن جي مختلف علائقن ۾ مڪمل لاڪ ڊائون لاڳو ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا ويا آهن.

ان حوالي سان ڪمشنر ڪراچي افتخار شالواڻي چيو ته ڊپٽي ڪمشنرز، پوليس ۽ صحت کاتي جي آفيسرن جي سهڪار سان لاڪ ڊائون تي موثر عملدرآمد ڪرائينداسين ۽ انهن علائقن ۾ سمورين ضروري شين جي فراهمي ۾ مدد ڪنداسين.

ڪمشنر ڪراچي افتخار شالواڻي چيو ته شهر ۾ لاڪ ڊائون واري فيصلي بابت نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي.

ان حوالي سان جاري نوٽيفڪيشن موجب صحت کاتي، سنڌ حڪومت ۽ ڪراچي ڊويزن جي ڊپٽي ڪمشنرز طرفان ڪورونا وائرس هاٽ اسپاٽ جي نشاندهي کان پوءِ ڪراچي جي مخصوص علائقن ۾ 18 جون کان 2 جولاءِ تائين مڪمل لاڳو ڪيو ويندو.

نوٽيفڪيشن موجب ڪراچي جي ڪيترن علائقن ۾ 15 ڏينهن تائين لاڳو رهندڙ لاڪ ڊائون تي 18 جون جي شام 7 وڳي کان عملدرآمد شروع ٿيندو.

نوٽيفڪيشن موجب صحت کاتي جي انتظامي حدن جي موجب شهر جي سمورن 6 ضلعن جي هيٺين يونين ڪائونسلز ۾ لاڪ ڊائون ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.

ڪورنگي ضلعو:

ڪورنگي ضلعي ۾ ڪورنگي ٽائون، لانڍي ٽائون، ملير ٽائون ۽ شاهه فيصل ٽائون جي انهن علائقن ۾ لاڪ ڊائون لاڳو ڪيو ويندو.

ڪورنگي ٽائون: يونين ڪونسل نمبر 2 ۾ مخدوم بلاول، قيوم آباد، اي ۽ بي ايريا، الله والا ٽائون، ناصر ڪالوني، پي اينڊ ٽي ڪالوني ۽ دارلاسلام شامل آهن.

لانڍي ٽائون: يونين ڪونسل نمبر 9 ۾ موجود علائقن ۾ 36 بي ايريا رحمانيه مسجد اسٽريٽ تائين، عوامي ڪالوني، امام بارگاهه ولي اسرار ايريا ۽ پاور هائوس ايريا کي بند ڪيو ويندو.

ملير ٽائون: يونين ڪونسل نمبر 1 ۾ معين آباد فيز 3، ايس آءِ 35/3 ماڊل ڪالوني، جعفر باغ ۽ ناصر اسڪوائر شامل آهن.

شاهه فيصل ٽائون: يونين ڪونسل نمبر 7 ۾ ملت ٽائون، الفلاح سوسائٽي ۽ ملير هالٽ جڏهن ته يونين ڪونسل نمبر – ۾ سي اي اي ڪالوني، ڪينٽ بازار ۽ اولڊ اقبال آباد شامل آهن.

ڏکڻ ضلعو:

ڪراچي جي ضلعي ڏکڻ ۾  هيٺين علوائقن ۾ 15 ڏينهن تائين لاڪ ڊائون هوندو.

يوسي ڪراچي ڪنٽونمنٽ ورڊ ۾ بزرٽا لائن ۽ ڍولي کاتو، يونين ڪونسل کارادر نمبر 3  لي مارڪيٽ، يونين ڪونسل صدر -8 ۾ برنس روڊ، ايم اي جناح روڊ، مين صدر ۽ اردو بازار ۾ لاڪ ڊائون هوندو.

 يونين ڪونسل فيز 6 ۾ خيابان بدر ۽ خيابان محافظ جڏهن ته يونين ڪونسل لياري ۾ آگره تاج -2 ۽ بهار ڪالوني شامل آهن.

اوڀر ضلعو:

شهر جي اوڀر ضلعي ۾ گلشن ٽائون ۽ جمشيد ٽائون جي مختلف علائقن ۾ لاڪ ڊائون لاڳو ڪيو ويندو.

گلشن ٽائون: يونين ڪائونسل نمبر 1 ۾ محمد علي سوسائٽي، يونين ڪونسل نمبر 2 بهادر آباد ۽ بلاڪ 14، يونين ڪونسل نمبر 4 عيسيٰ نگري، يونين ڪونسل نمبر 6، 13 (اي ۽ سي)، يونين ڪونسل 7 گلشن جمال، يونين ڪائونسل نمبر 8 ۾ 13 ڊي/II، يونين ڪائونسل نمبر 9 ۾ بلاڪ 7، يونين ڪائونسل 10 ۾ بلاڪ 14، 15، 11 گلستان جوهر بلاڪ نمبر 2 ۽ يونين ڪائونسل نمبر 12 ۾ سچل ڳوٺ ۽ رابعا پيٽل، يوسي نمبر 13 صفورا ڳوٺ ۽ يونين ڪونسل نمبر 14 ۾ روفي ليڪ ڊرائيو ان ۽ گلستان جوهر بلاڪ 13 شامل آهن.

جمشيد ٽائون: يوسي نمبر 6 ۾ پي اي سي ايڇ ايس بلاڪ 2 طارق روڊ ۽ بلاڪ 6، يونين ڪائونسل نمبر 7 ۾ پي اي سي ايڇ ايس بلاڪ 11 ۽ بلاڪ 6، يونين ڪائونسل 8 ۾ بالٽي پاڙو، يونين ڪائونسل 10 ۾ مارٽن ڪوارٽرز ۽ فاطمه جناح ڪالوني، يونين ڪونسل 11 ۾ جمات خانه، جهانگير روڊ، ڪوارٽر نمبر 02، جهانگير روڊ نمبر 1، تين هٽي ۽ بجلي گرائونڊ شامل آهن.

اولهه ضلعو:

ڪراچي جي ضلعي اولهه يونين ڪائونسل نمبر 5 (سونگل) ۾ گلشن معمار ۽ خدا جي بستي فيز 2، يونين ڪائونسل نمبر 3 (اسلام نگر) ۾ نيول ڪالوني، سيڪٽر 4، يونين ڪائونسل نمبر 5 (سعيد آباد) ۾ ايريا 5 جي، 5 جي، اي 3، سيڪٽر 4، يونين ڪائونسل 4 (ميٽروول) ۾ بلاڪ 3، يونين ڪائونسل 6 (فرنٽيئر ڪالوني) ۾ سيڪٽر 4 ۽ 5 ويجهو مالاڪنڊ اسپتال، اسماعيلي ڪوارٽرز ۽ يونين ڪونسل نمبر 6 (غازي آباد) ۾ ڪرسچن ڪالوني شامل آهن.

ملير ضلعو:

ڪورونا وائرس جي پکڙجڻ سبب ضلعي ملير جي 7 يونين ڪائونسلز ۾ لاڪ ڊائون لاڳو هوندو.

يونين ڪائونسل نمبر 3 ( ڪيپٽل ڪالوني) ۾ روڊ نمبر 9، سمورو ڪمرشل مارڪيٽ علائقو، گلشن حديد نمبر 6 ۾ فيز ون ۽ ٽو ۾ ڪمرشل مارڪيٽ جو سمورو علائقو، يونين ڪونسل نمبر 5 (جعفر طيار) ۾ جناح اسڪوائر، ڪمرشل مارڪيٽ ۾ لاڪ ڊائون هوندو.

ان کان سواءِ يونين ڪائونسل نمبر 1 ۾(مظفر آباد) ۾ ڊي ايريا ( مرڪزي ڪمرشل مارڪيٽ جي 50 بسترن جي اسپتال ۾ 52 ونگ پاڪستان رينجرز ونگ تائين) اولڊ ايريا (مين ڪمرشل مارڪيٽ روڊ) جيڪب لائن (مين ڪمرشل مارڪيٽ روڊ)، مجيد ڪالوني سيڪٽر 1 ۽ 2 (مين ڪمرشل مارڪيٽس) ۽ مظفر آباد رهڙي روڊ ۾ (مين ڪمرشل مارڪيٽ اسپتال چورنگي کان حسن چورنگي تائين) لاڪ ڊائون هوندو.

يونين ڪونسل نمبر 3 (دائود چورنگي) دائود چورنگي کان 89 پيٽرول پمپ طرفان مين ڪمرشل مارڪيٽس، يونين ڪونسل 4 (قائد آباد) مين قائد آباد، گوشت گلي، مرغي خانو مين ڪمرشل مارڪيٽ، مجيد پان وارو علائقو ڀرسان ئي موبائيل مارڪيٽ ۽ سموريون موبائيل مارڪيٽون بند رهنديون.

سينٽر ضلعو:

شهر جي سينٽرل ضلعي ۾ گلبرگ ۾ جوهر آباد جي مخصوص علائقن، نارٿ ڪراچي ۾ باب غازي اپارٽمنٽ سيڪٽر 11-اي، نارٿ ڪراچي جي ڪجهه گهٽين ۽ انار ڪلي مارڪيٽ ۾ لاڪ ڊائون هوندو.

ايس او پيز:

ڪمشنر ڪراچي آفيس مان جاري نوٽيفڪيشن موجب لاڪ ڊائون جي دوران هيٺين ايس او پيز تي عمل ڪيو ويندو.

ڪراچي ۾ لاڪ ڊائون دوران پابندي وارن علائقن ۾ ڪنهن شخص کي ماسڪ کان سواءِ اچ وڃ جي اجازت نه هوندي.

نوٽيفڪيشن موجب انهن علائقن جي رهواسين جي اچ وڃ کي سختي سان محدود ڪيو ويندو، رڳو هڪ شخص کي گهر مان ٻاهر نڪرڻ جي اجازت هوندي جيڪو قومي سڃاڻپ ڪارڊ ڏيکاري ضروري کائڻ پيئڻ جون شيون يا فارميسي مان خريداري ڪري سگهندو.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here