ڏوڪري ۾ لوئر اسٽاف (تعليم کاتو) جو پنهنجي جائز مطالبن جي لاءِ احتجاج

0
185

ڏوڪري: ڏوڪري ۾ لوئر اسٽاف تعليم کاتي پاران پنھنجي مطالبن جي مڃتا جي لاءِ پر امن احتجاج ڪيو ۽ ھنن سرڪار کان گھر ڪئي تہ ملازمن کي ٽائيم اسڪيل ڏنو وڃي، آء ڊيز ۽ بائيو ميئٽرڪ جي آڙ ۾ بند پيل پگهارون کوليون وڃن، ڪلارڪ پروموشن ڏنو وڃي، 2007 وارن کي پوين سروس ملازمن کي رهائشي ڪالوني ، اپ گريڊ ، ملازمن کي يوٽيلٽي الائونس ۽ ٻيا جائز مطالبا منظور ڪيا وڃن۔ پر امن احتجاج ڪندڙ مرڪزي پريس سيڪريٽري قاضي وسيم جوڻيجو خزانچي ضلع لاڙڪاڻه، بخشل خان ٿهيم تعلقه صدر ڏوڪري، عبدالغني ٿهيم تعلقه جنرل سيڪريٽري، مختيار علي جاگيراڻي پريس سيڪريٽري تعلقه ڏوڪري، عابد علي ابڙو آفيس سيڪريٽري تعلقه ڏوڪري، رحيم بخش جروار تعلقه صدر باقراڻي، مينهل خان جيسر، محمد علي ڪنڀر، رام لال راجپوت، عبدالغفار ساريو، مومن علي جويو، دليپ ڪمار اوڏ ۽ عبدالنبي خاصخيلي شامل ھئا۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here