ڏوڪري ڀرسان پ پ ايم اين اي خورشيد احمد جوڻيجو ۽ نون سليڪشن ٿيل عهديدارن جي مان ۾ آجياڻو تقريب ڪوٺائي وئي، تفصيل موجب ڏوڪري ڀرسان ڳوٺ عبدالڪريم انڙ ۾ اڳوڻي ڊپٽي ڪمشنر امداد الله خان انڙ جي فرزند همير امداد انڙ ن ليگ کي الوداع چئي پ پ ايم پي اي ميڊم فريال ٽالپر جي موجودگي ۾ پ پ ۾ شموليت جو اعلان ڪرڻ کان پوءِ پنهنجي ڳوٺ عبدالڪريم انڙ ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي ضلع لاڙڪاڻه جي صدر ايم اين اي خورشيد احمد جوڻيجو، پاڪستان پيپلز پارٽي ضلع لاڙڪاڻي جي جنرل سيڪريٽري محترم اعجاز احمد لغاري، پاڪستان پيپلز پارٽي ضلع لاڙڪاڻه جي اطلاعات سيڪريٽري عمران حسن جتوئي ۽ ڏوڪري تعلقي مان نوان يوسي ستطح تي سليڪشن ٿيل عهديدارن جي مان هڪ پروقار تقريب ڪوٺائي وئي۔
[ان موقعي تي همير امداد الله انڙ آيل مهمانن ۾ سنڌ جي ثقافت ٽوپي ۽ اجرڪن جا تحفه ڏنا، تقريب کي خطاب ڪندي همير امداد خان انڙ جو چوڻ هو ته اسان جو خاندان هميشه پ پ اتحاد جو حمايتي رهيو آهي پاڪستان پيپلز پارٽي سان اسان جا پراڻا لاڳاپا آهن هن چيو سندس والد امداد الله خان انڙ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو ويجهو ساٿي رهيو آهي مان نهايت شڪر گذار آهيان ضلع لاڙڪاڻه ۽ تعلقي ڏوڪري جي پ پ اڳواڻن ۽ پ پ ورڪرن جو جن منهنجي سڏ تي اسان جي ڳوٺ عبدالڪريم انڙ ڪهي آيا آهن هن باضابطه طور پ پ ۾ شموليت جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي پ پ ضلع لاڙڪاڻي جي صدر ايم اين اي خورشيد احمد جوڻيجو تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته مان شڪر گذار آهيان همير امداد انڙ جو جنهن پ پ اڳواڻن جي مان ۾ هڪ شاندار تقريب ڪوٺائي آهي هن چيو ته همير امداد انڙ جي پ پ ۾ شموليت ڪرڻ تي تمام گهڻي خوشي ٿي آهي اميد آهي پاڪستان پيپلز پارٽي ۾ رهي پارٽي کي مضبوط ڪرڻ لاءِ جدوجهد جاري رکندا ۽ عوام جي خدمت ڪندا رهندا۔
هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان جو مستقبل ۾ وزيراعظم چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري آهي هن وڌيڪ چيو ته 30 نومبر يوم تاسيس جو ملتان ۾ رکيل جلسو تاريخي جلسو هوندو، پ پ ضلع لاڙڪاڻو هڪ وڏي قافلي جي صورت ۾ جلسي ۾ شرڪت ڪندا تقريب کي خطاب ڪندي پ پ ضلع لاڙڪاڻي جي جنرل سيڪريٽري اعجاز احمد لغاري چيو ته همير امداد انڙ جي هي شاندار تقريب ۽ ڏنل محبت هميشه ياد رهندي هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي عوامي پارٽي آهي ۽ عوامي خدمت تي يقين رکي ٿي هميشه هر پروگرام ۾ پ پ تعلقي ڏوڪري پاڻ ملهايو آهي انشاالله 30 نومبر يوم تاسيس ملتان واري جلسي ۾ به پڻ هو ڀرپور نموني سان شرڪت ڪندا۔
هن وڌيڪ چيو ته همير امداد الله انڙ جو والد محترم مرحوم امداد الله انڙ هڪ بهترين انسان سان گڏ انسان دوست شخصيت جا مالڪ هئا ۽ قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو صاحب سان تمام سچا ۽ ويجهن ساٿين مان هڪ هيو جڏهن ته تقريب ۾ قاضي جميل احمد جوڻيجو، راشد حسين انڙ، عبدالرشيد ڪلهوڙو، الطاف حسين خاصخيلي، حافظ رجب سولنگي، حسن جوڻيجو، علي بخش ميتلو، جمن ٻگهيو، اڪبر قريشي ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي۔