ڏوڪري
ڏوڪري تعلقہ اسپتال ۾ ايڪسري مشين خراب هجڻ جون ميڊيا ۾ خبرون اچڻ بعد اسپتال ۾ ٽيم پهچي وئي، ايڪسري مشين ٺهرائي مريضن جا ايڪسري ڦوٽون نڪرڻ شروع ٿي ويا. ان موقعي ايم ايس ڊاڪٽر ظفر ﷲ موريو، ڊاڪٽر رياض حسين ابڙو، ڪلارڪ بشير احمد سرگاڻي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ايڪسري مشين خراب نه هئي ڪيمڪيل جو مسئلو هو جيڪو حل ڪري ڇڏيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته مريضن جا ايڪسري ڦوٽون ڪڍڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن۔