ڳوٺ دڙا جي ڊسپينسري ۾ فيملي پلاننگ سينٽر قائم ڪرڻ سميت ڊسپينسري لاءِ دوائون فراهم

0
354

ڏوڪري

ڏوڪري تعلقي جي يونين ڪائونسل دڙا جي اڳواڻي چيئرمين ايڊووڪيٽ بشير احمد جوڻيجو، ڊسپينسري انچارج عبدالغني منگي پاران ڊي ايڇ او لاڙڪاڻو ڊاڪٽر سيد عظيم شاھ، اي ڊي ايس ايڇ او ڊاڪٽر سيد علي سرور شاھ سان ڳوٺ دڙا جي ڊسپينسري لاءِ دوائون سميت مختلف معاملن تي ڳالھ ٻولھ ڪئي۔

ان موقعي تي پ پ اڳواڻ ايڊووڪيٽ بشير احمد جوڻيجو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته گوٺ دڙا جي گورنمينٽ ڊسپنسيري ۾ فيملي پلاننگ سينيٽر قائم ڪرڻ ۽ دوائون بابت ڊي ايڇ او ڊاڪٽر سيد عظيم شاھ سان ملاقات ڪئي۔

هن وڌيڪ چيو ته ڊي ايڇ او ڊاڪٽر سيد عظيم شاھ ۽ اي ڊي ايڇ او ڊاڪٽر سيد سرور شاھ جن ڳوٺ جي ڊسپينسري ۾ فيملي پلاننگ سينٽر قائم ڪرڻ سميت ڊسپينسري لاءِ دوائون فراهم ڪيون آهن، هن چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي جي پيلٽ فارم تان يونين ڪائونسل دڙا جي عوام جي ڀرپور خدمت ڪري رهيا اهيون۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here