دادو جي معصوم نياڻي افشان شاهاڻيءَ سان زيادتيءَ خلاف سنڌ سجاڳ فورم سڪرنڊ پاران احتجاج

0
167
sakrand

سڪرنڊ ( رپورٽ : مشتاق سولنگي)

دادو جي معصوم نياڻي افشان شاهاڻيءَ سان زيادتيءَ خلاف سنڌ سجاڳ فورم سڪرنڊ پاران فورم جي صدر مجيد عباسيءَ جي اڳواڻيءَ ۾ صحافي چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي مجيد عباسي ، حاجي رفيق خانزاده ، محمود مصطفٰى مگسي ، جاويد سومرو ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته وحشي اياز پنهور 3 سالن جي معصوم افشان شاهاڻيءَ سان زيادتي ڪري انسانيت ڪنڌ شرم کان جهڪائي ڇڏيو آهي۔

روزبروز ٿيندڙ اهڙن واقعن کي روڪڻ ۾ انتظاميا ۽ قانوني ادارا مڪمل طور تي ناڪام ٿي رهيا آهن ، جيڪڏھن اهڙي صورتحال رهي ته ماڻھو وحشي جانور بڻجي انسان جي عظمت کي ڏنگيندا رهندا ۽ هي سماج ڇڙواڳ بڻجي پوندو ، جنهنجا تمام اُگرا نتيجا نڪرندا۔

هنن مطالبو ڪندي چيو ته معصوم نياڻيءَ سان زيادتي ڪندڙ اياز پنهور کي سرعام ڦاسي ڏني وڃي ته جيئن مستقل ۾ اهڙن واقعن کي روڪي سگهجي، احتجاجي مظاهري ۾ عبد اللطيف سولنگي ،روشن راهو ،گل حسن بنگلاڻي ، الھ رکيو سيال ، الياس جوڻيجو ، ڪامريڊ قربان ڪيريو ، خرم خانزاده ۽ نعيم شيخ سميت ٻين ماڻھن شرڪت ڪئي ۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here