سنڌ سرڪار جي سپريم ڪورٽ جي حڪم خلاف ورزي، جناح اسپتال ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر ايڊمن جي عهدي جي سيٽ خالي نه هئڻ باوجود ترقي

0
490
notification

سنڌ سرڪار سپريم ڪورٽ جي حڪم جي خلاف ورزي ڪندي جناح اسپتال ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر ايڊمن جي عهدي جي سيٽ خالي نه هئڻ باوجود اسسٽنٽ ڊائريڪٽر رياض گل ( Riaz Gill) کي ڊپٽي ڊائريڪٽر ايڊمن طور ترقي ڏئي ڇڏي آهي۔

ڄاڻايل عهدي تي سپريم ڪورٽ جي حڪم تحت پبلڪ هيلٿ ايڊمنسٽريشن ۾ ماسٽرز جي ڊگري رکندڙ ڊاڪٽر يحي خان تنيو مقرر ٿيل آهي جنهن کي ترقي ڏيڻ يا کيس هٽائڻ بنا ئي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر کي سندس جاء تي ڊپٽي ڊائريڪٽر ايڊمن جي عهدي تي ترقي ڏئي ڇڏي آهي۔

سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس انور ظهير جمالي ۽ جسٽس امير هاني مسلم تي ٻڌل ڊويزن بئنچ ڄاڻايل عهدي تي ايم پي ايڇ جي ڊگري رکندڙ کي مقرر ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو جنهن جي بنياد تي سنڌ سرڪار ڊاڪٽر يحي خان تنيو کي جناح اسپتال جي ڊپٽي ڊائريڪٽر ايڊمن طور مقرر ڪيو هو۔

سنڌ سرڪار پاران جناح اسپتال جي ڊپٽي ڊائريڪٽر ايڊمن طور ترقي ڏنل رياض گل وٽ نه ايم پي ايڇ جي ڊگري آهي ۽ نه ئي هو ڊاڪٽر آهي، رياض گل 2001ع مشرف جي دور ۾ جناح اسپتال ۾ آفيس اسسٽنٽ طور يارهين گريڊ ۾ ڀرتي ڪيو ويو ۽ ويهن سالن جي عرصي ۾ کيس يارهين گريڊ کان ارڙهين گريڊ ۾ ترقي ڏني وئي آهي۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here