لاڙڪاڻي جي پورهيت جي زمين تي قبضو، موتمار ڌمڪيون ڏيندڙ بااثرن خلاف صحافين اڳيان احتجاجي مظاهرو

0
262

ڏوڪري: رپورٽ قاضي فريد
ڏوڪري ۾ لاڙڪاڻي جي رحمت پور جي رهواسي پورهيت غلام رسول جتوئي زمين تي قبضو ۽ موتمار ڌمڪيون ڏيندڙ بااثرن خلاف صحافين اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي هن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته مان پنهنجي اڳوڻي گهرواري غلام سڪينہ کي طلاق ڏني هئي۔

هن چيو ته منهنجو اصل ڳوٺ درگاھ مشوري جي ڀرسان عبدالڪريم جتوئي تعلقي باقراڻي ۾ آهي ۽ منهنجي ڳوٺ ۾ منهنجي مورثي ملڪيت تي بااثر عبدالڪريم ڳواس، ممتاز جتوئي ۽ ٻين قبضو ڪيو آهي۔ هن چيو ته غلام سڪينہ پنهنجي ڀاءُ عبدالڪريم ڳواس سان ملي ڪري مون کي بليڪ ميل ڪري رهي آهي ۽ مون جي زرعي زمين تي قبضو ڪري منهنجي هارين کي هٽائي پنهنجا هاري رکيا اٿن۔

هن چيو ته مان پنهنجي طلاق شدہ گهرواري غلام سڪينہ کي 5 لک حصو به ڏنو آهي۔ هن وڌيڪ چيو عبدالڪريم ڳواس گلشن حديد جو رهواسي آهي ۽ يو بي ايل بئنڪ سميت مختلف بئنڪن جو قرضي به آهي۔ هن وڌيڪ چيو ته عبدالڪريم ڳواس ۽ منهنجي اڳوڻي گهرواري سان ملي ڪري منهنجو گهر به وڪرو ڪري مون کي بي گهر ڪري ڇڏيو اٿن۔ هن چيو ته بااثر منهنجي مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪري مون کي حراسان ڪري رهيا آهن۔

هن چيو ته بااثر ممتاز جتوئي يوٽيلي اسٽور ۽ واپڊا ۾ ٻہ سرڪاري نوڪريون ڪري رهيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته مان پنهنجي گهر ۽ اولاد کان محروم بڻيل آهن هن چيف جسٽس آف سنڌ، وزيراعظم، وزير اعلي سنڌ، آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو، ايس ايس پي لاڙڪاڻو ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ڪندي چيو ته بااثر عبدالڪريم ڳواس، ممتاز جتوئي، امتياز جتوئي، منظور قمبراڻي، امداد قمبراڻي ۽ ٻين خلاف قانوني ڪارروائي ڪري مون کي پنهنجي مورثي زمين، گهر ۽ اولاد ڏياري وڃن ٻئي صورت ۾ وڌيڪ احتجاج ڪيو ويندو۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here