ڪنڌڪوٽ ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف طرفان جشن آزادي جي ڏھاڙي تي پرجوش ريلي عوام جي وڏي انگ ۾ شرڪت

0
234

ڪشمور ضلعي جي ھيڊ ڪواٽر ڪنڌڪوٽ : ڪنڌڪوٽ ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف طرفان جشن آزادي جي ڏھاڙي تي پرجوش ريلي عوام جي وڏي انگ ۾ شرڪت۔ جئين ته ڪنڌڪوٽ ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جشن آزادي جي ڏھاڙي تي پنهنجي وطن سان محبت جو اظھار ڪندي ھڪ ريلي ڪڍي ريلي جي اڳواڻي پاڪستان تحريڪ انصاف ضلع ڪشمور جو سينئر وائيس صدر دودا خان نندواڻي ڊپٽي جنرل سيڪيٽري عبدالعزيز سومرو انفارميشن سيڪيٽري شعبان خان جکراڻي ڪئي ۽ ٻيا پڻ تحريڪ انصاف جا رھنما موجود ھئا، جنھن ۾ سٽي صدر مغل خان گولو عبدالرزاق چاچڙ محمود ملڪ نعمت الله سھرياڻي، جيڪا ڪنڌڪوٽ گھنٽه گھر کان شروع ٿي پريس ڪلب تي ختم ٿي ريلي ۾ تحريڪ انصاف جا ڪارڪن ورڪرن ۽ عوام جي وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ريلي ۾ پاڪستان زنده باد جا نعرا گونجدا رھيا عوام وڏي جوش ۽ جذبي ۾ پرجوش نظر ۾ آئي۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here