پوري ملڪ وانگر 73 هين جشن آزادي جي ڏهاڙي تي ٿرپارڪر ضلعو به خوشين سان گونجي اٿيو

0
257

مٺي ( جنيد آزاد): پوري ملڪ وانگر 73 هين جشن آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي ٿرپارڪر ضلعو به جشن آزادي جي خوشين سان گونجي اٿيو۔ تفصيل موجب 14 آگسٽ جشن آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي ضلعي انتظاميه ٿرپارڪر ۽ ميونسپل ڪميٽي مٺي پاران مُک پرچم ڪشائي جي تقريب شهيد محترمه بينظير ڀٽو ڪلچرل ڪامپليڪس مٺي ۾ منعقد ٿي ان موقعي تي پوليس جي چاڪ چوبند دستي سلامي پڻ پيش ڪئي۔

ان موقعي تي وزير اعليٰ سنڌ جي انساني حقن بابت صلاحڪار ويرجي ڪولهي، ايم پي اي قاسم سراج سومرو، ضلعي ڪائونسل چئيرمين ڊاڪٽر غلام حيدر سميجو، ڊپٽي ڪمشنر ٿرپارڪر محمد نواز سوهو ، ايس ايس پي ٿرپارڪر حسن سردار نيازي ، چئيرمين ميونسپل ڪاميٽي ڊاڪٽر منوج ڪمار ملاڻي ، پي پي پي اڳواڻ سشيل ملاڻي ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن جي آفيسرن، استادن ، شاگردن ۽ شاگردياڻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي۔

جشن آزادي جي تقريب کي خطاب ڪندي  ميمبر قومي اسيمبلي ڊاڪٽر مهيش ڪمار ملاڻي چيو ته 14 آگسٽ 1947 تي قائد اعظم محمد علي جناح وطن عزيز کي آزادي ڏياري اسان کي هڪ الڳ سڃاڻپ ڏني  ۽ چيو ته پاڪستان جمهوريت ، محبت ، ملڪي سالميت، بغير رنگ و نسل جي فرق ، مذهبي هم آهنگي واري فلسفي تحت آزاد ٿيو ، هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان کي ٽوڙڻ ۽ ڪمزور ڪرڻ جو ڪوششون ڪيون ويون پر اسان جي ملڪ جي بهادر فوج جي جوانن ۽ عوام ناڪام بڻايو۔

ڊاڪٽر مهيش ڪمار ملاڻي چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي قيادت ملڪ جي مضبوطي ، جمهوريت جي مضبوطي جي خاطر پنهنجي جانين جون قربانيون ڏنيون ، بين الاقوامي ادارا هتي اچي جمهوريت کي ڏسن . جشن آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي ڪشميري عوام سان گڏ آهيون ۽ انهن سان يڪجهتي جو اظهار ڪريون ٿا۔ تقريب کي خطاب ڪندي وزير اعلي سنڌ جي صلاحڪار ويرجي ڪولهي چيو ته آزادي هڪ نعمت آهي اسان کي ان جي قدر ڪرڻ گهرجي ۽ پنهنجي ملڪ جي سالميت، خوشحالي ۽ ترقي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي۔

ان موقعي تي ايم پي اي قاسم سراج سومرو چيو ته وطن جي آزادي هڪ خوبصورت احساس آهي ۽ هي ڏينهن ملهائڻ اسان کي آزادي جي نعمت جو احساس ڏياري ٿو  اسان کي پنهنجي اندر برداشت ، ڀائيچارگي ، مذهبي رواداري ۽ پاڻ ۾ گڏجي رهڻ گهرجي ۽ چيو ته پاڪستان جي ترقي لاءِ اسان کي بهتر منصوبه بندي ۽ حڪمت عملي سان ڪم ڪرڻو پوندو۔ ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر ٿرپارڪر محمد نواز سوهو چيو ته وطن عزيز جي آزادي جي لاءِ اسان جي بزرگن سان گڏوگڏ هر رنگ و نسل جي ماڻهن قربانيون ڏنيون ۽ هاڻي اسان جي ذميواري آهي ته وطن عزيز کي ناقابل تسخير ملڪ بڻايون جنهن جي لاءِ اسان کي پنهنجي ايندڙ نسلن کي علم جي زيور سان سنوارڻو پوندو۔

ٿرپارڪر ضلعي کي الله تعالي قدرتي نعمتن سان نوازيو آهي . ڊپٽي ڪمشنر محمد نواز سوهو چيو ته جشن آزادي جي ڏهاڙي جي شاگردن ۽ شاگرياڻين پاران آزادي جي اهميت ۽ افاديت تي تقريرون پيش ڪرڻ وارو ٽيلينٽ قابل تعريف آهي ڇا ڪاڻ ته ملڪ جون واڳوڻ هاڻي انهن کي ئي سنڀالڻيون آهن۔ ڊپٽي ڪمشنر ٿرپارڪر پاران شاگردن ۽ شاگردياڻين جي حوصله افزائي جي لاءِ مٺي ۾ پاڪستان ڊبيٽنگ سوسائٽي قائم ڪرڻ جو پڻ اعلان ڪيو۔

جشن آزادي جي تقريب کي خطاب ڪندي ايس ايس پي ٿرپارڪر حسن سردار نيازي چيو ته جشن آزادي جو ڏهاڙو ملهائڻ جو مقصد آزادي خاطر بزرگن جي ڏنل قربانين کي خراج تحسين پيش ڪرڻ سان گڏوگڏ ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ پاڻ پتوڙڻ جي عزم کي ورجائڻو آهي هن چيو ته اڄ اسان اهو عزم ڪريون ٿا ته پنهنجي ملڪ جي سالميت ، ترقي ۽ خوشحالي ، حفاظت لاءِ ڪنهن به قرباني ڏيڻ کان نه ڪيٻائينداسين، آخر ۾ تقريرن ۾ پوزيشن حاصل ڪندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ نقد انعام پڻ ورهايا ويا۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here