مڪاني ادارن جي ملازمن جون ٻن مهينن جون رهيل پگهارون جاري نه ٿيڻ خلاف وارھ ۾ احتجاج

0
189

وارھ : قاضي مظفر

وارھ ۾ مڪاني ادارن جي ملازمن جون ٻن مهينن جون رهيل پگهارون جاري نه ٿيڻ خلاف وارھ ۾ احتجاج، ٽائون ڪاميٽي وارھ جي ملازمن حفيظ ٻگهيو، عطاءُالله ڇٽو، شبير ماڇي ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ وارھ پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪيو۔

ان موقعي تي هنن چيو ته مڪاني نمائيندن جو مدو ختم ٿيڻ ۽ اختيار روينيو عملدارن ڏانهن منتقل ٿيڻ بعد ٻن مهينن کان پگهارون نٿيون ڏنيون وڃن جنهن سبب مڪاني کاتي جا ملازم فاقاڪشي تي مجبور آھن۔

هنن گهر ڪئي ته رهيل پگهارون جاري ڪري مڪاني کاتي جا اختيار روينيو آفيسرن کان کسي مڪاني کاتي جي آفيسرن حوالي ڪيا وڃن ۽ پگهارون ٽريزري معرفت اڪائونٽن ۾ اماڻيون وڃن۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here