شيخ اياز سنڌي ڪلاسيڪي ۽ جديد شاعريءَ جي تناظر ۾

0
235

جامي چانڊيو

(حصو پهريون)

شيخ اياز جديد سنڌي ادب ۽ شاعريءَ جو وڏي ۾ وڏو حوالو آهي ۽ سنڌي ادب ۾ شاهه لطيف کانپوءِ نه رڳو انفرادي طور هن جي وڏي ۾ وڏي ادبي حيثيت آهي، پر لطيف سائينءَ کانپوءِ گهڻي ۾ گهڻو ادبي، فني ۽ فڪري پرک جو ڪم به شيخ اياز تي ئي ٿيو آهي. اهو ئي سبب آهي جو نوي جي ڏهاڪي ۾ شيخ اياز تي پنهنجي هڪ مضمون ۾ مون لکيو هو ته شيخ اياز نه رڳو ويهين صديءَ ۾ سنڌي ادب جو هڪ وڏو موضوع آهي پر هو ويهين صديءَ ۾ هڪ ادبي دور جو علامتي اهڃاڻ به آهي. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته گهڻي ۾ گهڻو تڪراري به سنڌي ادب ۾ شيخ اياز ئي رهيو. ظاهر آهي ته جنهن ماڻهوءَ جو جنهن شعبي تي گهڻي ۾ گهڻو اثر پوندو ۽ مجموعي طور ان شعبي جي حد تائين سماج تي به اثر پوندو ته اهو تڪراري به ضرور ٿيندو. اهو تڪراري ٿيڻ اهڙن ماڻهن جي ڪا ڪمزوري يا خامي نه پر سندن سگهه ۽ گوناگونيت هوندي آهي. جيڏا اُٺَ اوڏا لوڏا۔

جيتوڻيڪ شيخ اياز تي تمام گهڻو لکيو ويو آهي، پر هن جي سڀ طرفي فڪري، فني، لسانياتي، جمالياتي، نظرياتي، سياسي، سماجي ۽ ثقافتي پرک جا انيڪ پاسا رهيل به آهن. هن تي اڃا نبار ۽ اصلوڪي پرک ۽ تنقيد جو گهڻو ڪم رهيل آهي. شيخ اياز جي پنهنجي هم عصرن مان هن تي گهڻي ۾ گهڻو سائين محمد ابراهيم جويي لکيو، جو شيخ اياز جي اڪثر ڪتابن جا مهاڳ هن جا لکيل آهن ۽ شيخ اياز پنهنجي آخري ڏهاڪي کانسواءِ سندس چواڻي پنهنجو ڪو به ڪتاب جويي صاحب کي ڏيکارڻ کانسواءِ ڪنهن پبلشر کي نه موڪليندو هو. جويي صاحب کانسواءِ مولانا گرامي ۽ ابن حيات پنهور، رسول بخش پليجي ۽ رشيد ڀٽيءَ به شيخ اياز تي ڀرپور لکيو پر اهو شيخ اياز جي شاعريءَ تي گهٽ هن جي بچاءَ ۾ ۽ هن بابت وڌيڪ هو، جنهن جي به پنهنجي اهميت آهي. شيخ اياز کانپوءِ جي ٽهيءَ ۾ شيخ اياز تي امير علي چانڊيي، ڊاڪٽر اسحاق سميجي، ڊاڪٽر فياض لطيف، ڊاڪٽر احسان دانش، ڊاڪٽر غفور ميمڻ، ڊاڪٽر شير مهراڻيءَ، علي آڪاش، عزيز قاسماڻي ۽ اڪبر لغاريءَ پڻ سٺا مضمون ۽ مقالا لکيا آهن. جن ۾ موضوعاتي نبارپڻو ۽ ادبي نواڻ آهي. سائين آغا سليم جي ڪتاب (شيخ اياز-صدين جي صدا) ۽ شيخ اياز بابت سوانحي حوالي سان ڊاڪٽر انور فگار هڪڙي جي ڪم کي به نظرانداز نه ٿو ڪري سگهجي. شيخ اياز گذريل ٽن ڏهاڪن کان ادبي تنقيد ۽ پرک جي حوالي سان منهنجو به اهم موضوع رهيو آهي ۽ ان حوالي سان مسلسل پئي رنڍا روڙيا اٿم، اميد ته اياز شناسيءَ ۾ اهو پورهيو به قبول پوندو۔

ڊاڪٽر فياض لطيف اڄوڪي دور جو هڪ نهايت اهم اديب، اسڪالر ۽ ادبي پارکو آهي ۽ هن جي جنهن موضوع تي سڀ کان وڌيڪ دلچسپي ۽ دسترس آهي، اهو موضوع شيخ اياز آهي. سندس ڊاڪٽريٽ جو موضوع به “شيخ اياز جي سنڌي شاعريءَ ۾ جماليات” هو. اهو تحقيقي مقالو اياز شناسيءَ جي حوالي سان هڪ اهم ترين علمي ۽ ادبي ڪم آهي. جنهن جون ٻه خاص خوبيون ۽ اهميتون آهن. هڪ ته هيءُ مقالو عمومي ناهي پر جمالياتي اڀياس جي هڪ خاص موضوع تي ٻڌل آهي. جماليات فلسفي جي پنجن بنيادي موضوعن مان هڪ آهي، جنهن جو تعلق ادب ۽ شاعريءَ جي حوالي سان ٻولي، اسلوب، ٻوليءَ جي موجود ثقافتي ۽ سماجي ساخت ۽ نئين سر تخليق ڪيل فڪري ۽ تخيلاتي توڙي فني ساخت کان وٺي ويندي محاوراتي، علامتي ۽ فني ترڪيبن تائين وسيع موضوعاتي پکيڙ سان آهي. سنڌي ٻوليءَ ۾ ادب ۽ شاعريءَ جي اڀياس، پرک ۽ تحقيق ۾ اڃا فلسفي، سماجي علمن ۽ نون نون فني معيارن جي اطلاق جي روايت ايتري سگهاري ناهي. ان لحاظ سان ڊاڪٽر فياض لطيف جو اِهو مقالو هڪ تمام معياري ۽ نئون ڪم هو. ٻئي طرف شيخ اياز جي شاعريءَ جي نسبت سان جماليات جي اطلاقي پاسن جي نسبت سان به ڊاڪٽر فياض لطيف شيخ اياز جي شاعريءَ جي اڀياس ۾ عالمانه وسعت ۽ گهرائيءَ کان ڪم ورتو. هن مقالي ۾ فاضل ليکڪ جماليات جي وصف ۽ انجي انيڪ پاسن، جماليات سان شاعريءَ جي ڳانڍاپي، دنيا جي ٻين اهم ٻولين جي شاعراڻي روايتن ۾ جمالياتي عنصرن ۽ تجربن کان وٺي شيخ اياز جي شاعريءَ ۾ فڪري، فني، لسانياتي ۽ ترڪيبي جماليات جو نهايت تفصيل، مثالن ۽ جزويات ۾ وڃي تحقيقي اڀياس ڪيو آهي. جنهن سبب سندس اهو ڊاڪٽريٽ جو مقالو هڪ ئي وقت تحقيقي نوعيت جو به آهي ته هڪ تنقيدي پرک جو ڪتاب پڻ آهي. شيخ اياز تي پنهنجي پي ايڇ ڊيءَ جي مقالي کانسواءِ به ڊاڪٽر فياض لطيف شيخ اياز تي مسلسل لکندو رهيو آهي۔

شيخ اياز بابت سندس هيءُ ڪتاب جنهن کي هن “ڪَتين جو ڪٺمال” جو عنوان ڏنو آهي، پڻ اياز شناسيءَ جي حوالي سان هڪ اهم ۽ اصلوڪو تحقيقي، تنقيدي ۽ عالمانه ڪم آهي. ڪتاب پنجن اهم مقالن تي مشتمل آهي، جنهن ۾ شيخ اياز جي حوالي سان شاهه لطيف، سچل سرمست، سامي، فيض احمد فيض ۽ ٽيگور جي اهم گڏيل عنصرن جو اڀياس پيش ڪيو ويو آهي. يعني انهن شاعرن جي نسبت سان شيخ اياز جي شاعريءَ تي ڪلاسيڪل ۽ جديد شعري روايتن جي اثرن جو تحقيقي ۽ تنقيدي مطالعو پيش ڪيو ويو آهي. جيتوڻيڪ جزوياتي طور ته انهن موضوعن تي سنڌيءَ ۾ اڳ به لکيو ويو آهي، پر هڪ تفصيلي اڀياس جي حوالي سان اها هڪ پهرين ۽ اهم ڪوشش آهي. جنهن تي سنڌ جو هي نوجوان جديد ادبي اسڪالر جَسُ لهي۔

شاهه لطيف ۽ شيخ اياز

شيخ اياز ڪهڙين ڪهڙين شعري روايتن کان بيحد متاثر هو ۽ ڪهڙن ڪهڙن شاعرن يا عنصرن يا لاڙن جو مٿس واضع اثر هو. اهو هڪ اهم موضوع آهي. ڇاڪاڻ ته شيخ اياز پاڻ به پنهنجي زندگيءَ ۾ جتي پاڻ کان اڳ ۽ پنهنجي هم عصر شاعرن کي وڏي ڀيٽا ڏيندو رهيو ۽ منجهائن ورتل اتساهه جا مثال ڏيندو رهيو، اُتي شعوري طور بار بار اهو انڪار جهڙو تاثر پڻ ڏيندو رهيو ته سندس شاعريءَ تي سڌيءَ ريت ڪنهن جو به اثر ناهي رهيو. ويندي جنهن شاهه لطيف جو ذڪر هن گهڻي ۾ گهڻو ڪيو آهي ۽ جنهن کان گهڻي ۾ گهڻو فڪري ۽ فني اتساهه وٺندي نظر اچي ٿو. هن چيو هو:
دورائين نڀندو
سرتا! شاهه لطيف جيئن
ڪو شاعر ٿيندو
(شيخ اياز-شاعري، جلد-10 (ص-105)
يا هن حد تائين وڃي چيو هو ته: “برٽرانڊرسل، ڀٽائي پڙهي ها ته هن جو فلسفو سڳايو نه رهي ها.”
شيخ اياز، جلد-9، ثقافت کاتو، حڪومت سنڌ-2010، ص-79

پر ساڳي وقت ان جي حوالي سان به هن پنهنجن ڪيترن نثري ٽڪرن ۽ شعرن ۾ اهو ڀرپور تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته سندس شاعري کانئس ڪنهن به سڌي اثر قبول ڪرڻ کان آزاد رهي آهي. شيخ اياز جي اهڙي انڪار يا برملا باغيانه اظهار جا ٻه اهم سبب هئا ۽ هو انهن ٻنهي سببن جي حوالي سان حق تي آهي. پهريون سبب شيخ اياز جي شخصيت آهي. هن ۾ غير معمولي “انا” هئي ۽ اها انا ڪا رڳو شخصي نه پر سندس غير معمولي تخليقي صلاحيتن تي هن جو پنهنجو اعتماد ۽ ويساهه هو. دراصل هر وڏي تخليقڪار کي اهڙو خود اعتماديءَ جو ويساهه هوندو آهي، جيڪو زماني کي اظهاريل يا اڻ اظهاريل “انا” جي صورت ۾ نظر ايندو آهي. اها تخليقي، ذهني، فني يا فڪري انا ئي دراصل ڪنهن به وڏي تخليقڪار ۽ مفڪر جي داخلي سگهه هوندي آهي، جنهن جو اظهار شيخ اياز جهڙا ماڻهو برملا ڪندا آهن ۽ فيض احمد فيض جهڙا نهٺا ماڻهو اهڙي تخليقي اظهار کي ضروري ناهن سمجهندا پر اها اُنهن ۾ اُتم درجي تي موجود ضررو هوندي آهي. شيخ اياز جي شخصيت ۾ جيڪو “پيشه ور باغي” ويٺل هو، ان ڪڏهن به پنهنجي ان تخليقي انا کي لڪايو نه، ان کي هن نه رڳو پنهنجي غير معمولي داخلي سگهه طور استعمال ڪيو پر هن وٽ اها هڪ خارجي سگهه به هئي. شيخ اياز جي اهڙي انا جو ٻيو سبب اهو به هو جو هن جيڪو سنڌي شاعريءَ ۾ هڪ ڀرپور جديد دور آندو هو، اهو ان ‘انا’ کانسواءِ پنهنجي مڪمل صورت ۾ ائين نروار به نه ٿي سگهي ها. هو جيڪڏهن ائين ٻيا ۽ ٻين جا سڌا اثر قبول ڪرڻ جا کليل اعتراف ڪري ها ته شايد “پنهنجو دور” اُڀارڻ ۾ ائين ۽ ان سطح تي ڪامياب به نه وڃي ها. سو اها هن جي شاعراڻي حڪمت عملي به هئي، جنهن ۾ هو گهڻو ڪامياب ويو. شيخ اياز جون گهڻيون ڳالهيون، موقف، رويا ۽ لاڙا يا پاڻ بابت خاص تاثر اُڀارڻ جون ڪوششون مون کي سندس شعوري حڪمت عمليءَ جو حصو پڻ لڳندا آهن۔

هن لطيف سائين جي عظمت جا ڳُڻ ڳائڻ سان گڏوگڏ پنهنجو هڪ الڳ شاعراڻو دَڳُ وٺڻ جو اظهار پنهنجي شاعريءَ ۾ پڻ ڪيو آهي. هو چوي ٿو:

“مان ڀٽائي ڪو نه آهيان
مان ڀٽائي جي ٿيان،
“آنءُ” تو لاءِ ڪيئن ٿيندس؟
ڪو نرالو نانءُ تولئه ڪيئن ٿيندس؟
آنءُ ساڳي ڏات ناهيان،
آنءُ ساڳيو ڏانءُ تو لئه ڪيئن ٿيندس؟”
(ڇوليون ٻوليون سمنڊ جون، 1993ع ص-240)
يا هن هڪ ٻئي هنڌ چيو هو ته:
“ماپ به ڪهڙي ماپ آ،
ماڻ به ڪهڙو ماڻ؟
آءٌ ڀٽائي ناهيان
آءٌ اڪيلو واٽ تي،
مون سان پنهنجو پاڻ،
آءٌ ڀٽائي ناهيان”
(جُهڙ نيڻان نه لهي، 1989ع، ص-172)

شيخ اياز جي شاعريءَ ۾ اهڙا ٻيا به ڪيترا ئي مثال آهن پر مان ان کي منفي يا جديد دور ۾ لطيف سائينءَ جو رد نه ٿو سمجهان. اها شيخ اياز جي اُها ئي شاعراڻي انا آهي، جيڪا پنهنجو دَڳُ ٺاهي، هڪ نئون شاعراڻو يا تخليقي دور آڻيندي آهي. انهيءَ ساڳي شاعراڻي انا کي هو “مان”، ‘آنءٌ’، ’نرالو نانءٌ’، ‘ڏانءٌ’، ‘ماڻ’ ۽ “پنهنجو پاڻ” سڏي ٿو. فريڊرڪ نٽشي (1900-1844ع) جي فلسفي سان سوين اختلاف سهي، اها ئي هن جي تخليقي انا هئي. جنهن هن کان “زرتشت چيو” (Thus Spoke Zarathustra) لکرايو، هو جڏهن هن پنهنجي پهرين فڪري استاد شونهپائر کان پنهنجو الڳ دڳ ٺاهيو هو. شاعريءَ جي تناظر ۾ هڪ مثال ڊانٽي (1321ع-1265ع جو به ٿي سگهي ٿو، جنهن پهرين صديءَ جي عظيم اطالوي شاعر ورجل کان تيرهين ۽ چوڏهين صديءَ جي فلورنس ۾ پنهنجو هڪ جدا تخليقي دڳ جوڙيو هو. شيخ اياز جي تناظر ۾ اها سندس دور جي تقاضا به هئي، جو هو ويهين صديءَ ۾ رڳو ارڙهين صديءَ جي تتبع تي نه پئي هلي سگهيو. جو سنڌي شاعريءَ کي هڪ نئين دور ۾ پنهنجيءَ پوريءَ سگهه سان وٺي اچڻ لاءِ هڪ نئين سوچ ، ادبي ۽ فني مزاج ۽ فڪر جي ضرورت هئي. انڪري اها رڳو هن جي انفرادي گهرج نه هئي پر ويهين صديءَ جي سنڌي ادب جي گهرج به هئي۔

اها تخليقي انا هونئن به جديديت جي دور جو اهم رويو ۽ عنصر هئي. ڇاڪاڻ ته ادب ۾ “متن” جي خودمختياري ۽ اهم حيثيت جديديت جا اهم لاڙا ۽ حقيقتون هيون جن کي سٺ جي ڏهاڪي ۾ ‘ساختيات پڄاڻان’ (Post Structuralism) فڪر ۾ دريدا (2004-1930) “ردِ تشڪيل” جي نظريي تحت وڏو ڌڪ هڻڻ جي ڪوشش ڪئي پر شيخ اياز پنهنجي غير معمولي تخليقي سگهه سان سنڌي ادب ۾ رد تشڪيل (Deconstruction) جي نظريي کي پيرَ کوڙڻ نه ڏنا۔

جيڪڏهن ڪو شيخ اياز جي سطح جو غير معمولي تخليقي شاعر ڪنهن شاعر جا يا ڪي به خارجي اثر قبول نه ڪرڻ جي دعويٰ ڪري يا اهڙو شعوري تاثر ڏئي ته انجو هرگز اهو مطلب نه آهي ته هن تي واقعي به ڪي اثر نه پيا هوندا يا دنيا جو ڪو به اهڙو شاعر ٿي گذريو هوندو يا ٿي سگهي ٿو جيڪو پاڻ کان اڳ جي عظيم شاعريءَ جا ڪي به اثر يا مجموعي طور خارجي اثر قبول نه ڪري، ويندي شاهه لطيف جهڙي شاعراڻي ڪاملتا جيڪا ورلي ڪنهن شاعر ۾ نظر ايندي، اهو به پاڻ کان اڳ ۽ پنهنجي ڪجهه هم عصرن کان گهرا فڪري ۽ فني اثر قبول ڪندي نظر اچي ٿو. جيتوڻيڪ نثر نه لکڻ سبب هن جو اهڙو ڪو به اعتراف رڪارڊ تي موجود نه آهي پر انهن اثرن کي سندس شاعريءَ مان مڪمل طور معلوم ۽ محسوس ڪري سگهجي ٿو. ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ پنهنجي شهور ڪتاب “شاهه لطيف جي شاعري” ۾ درست لکيو آهي ته: “شاعر، خلائن ۾ پيدا نه ٿيندا آهن. شعري ادب جي تاريخ جي اونهي اڀياس مان معلوم ٿئي ٿو ته هر شاعر پنهنجي دور جي سماجي، اقتصادي، سياسي توڙي ادبي ڌارائن جو اثر قبول ڪري ٿو.” شيخ اياز پاڻ به ائين لکيو آهي، جنهن جو حوالو هن ڪتاب ۾ به ڏنو ويو آهي، جنهن ۾ اياز صاحب لکيو آهي ته: “شاعر جي انفراديت، ان ۾ نه آهي ته هو ڪنهن پولار ۾ پيدا ٿئي ۽ هن تي ڪنهن جو به اثر نه هجي. هن جي انفراديت ان ۾ آهي ته هو هر خوشگوار اثر قبول ڪري به سڀ کان نيارو هجي.” (ڪپر ٿو ڪن ڪري، 1986- ص 41-42)

جيتوڻيڪ شيخ اياز جي سطح جي شاعر تي اهڙن اثرن جو دائرو تمام وسيع آهي، پر هن ڪتاب ۾ ڊاڪٽر فياض لطيف اڀياسي موضوع طور شاهه لطيف، سچل سرمست، سامي، فيض احمد فيض ۽ ٽيگور جي اثرن يا کانئن ورتل اتساهه جا موضوع کنيا آهن. جنهن سان هن عالمانه نموني نڀايو آهي. مون کي اميد آهي ته هو ان سلسلي کي اڃا به اڳتي وڌائيندو ۽ اياز شناسيءَ کي وڌيڪ وسعت بخشيندو۔

هن ڪتاب جوپهريون مقالو “شاهه لطيف جا شيخ اياز تي فني ۽ فڪري اثر” آهي. جنهن ۾ ڊاڪٽر فياض لطيف شيخ اياز تي شاهه لطيف جي فڪري ۽ فني اثرن بابت تمام تفصيل ۽ مثالن سان لکيو آهي. جيتوڻيڪ شيخ اياز جو ادبي ۽ خاص طور شاعريءَ جو هم گير مطالعو هو ۽ هن جي شاعراڻي اُتساهه جا سرچشما به محدود نه هئا پر تمام گهڻا هئا پر جيڪڏهن شيخ اياز پنهنجن نثري تحريرن ۽ شاعريءَ ۾ ڪنهن شاعر جو گهڻي ۾ گهڻو اُتساهيندڙ ذڪر ڪيو آهي ۽ سندس عظمت آڏو پنهنجو شاعراڻو سِيسُ نمايو آهي ته اهو فقط ۽ فقط شاهه لطيف هو، ڇاڪاڻ ته اها شاعرانه نِهٺائي هونئن هن جو مزاج ئي نه هئي. پنهنجي ڪتاب “ڪلهي پاتم ڪينرو” جي هڪ بيت ۾ ته هن ان حد تائين به چيو ته “تنهنجي پيرَ پڻي، ڏات سموري ڏيهه جي.” (ص-5)
يا هن ٻئي هنڌ لکيو هو ته “چڱو ڀٽائي آءٌ هلان ٿو، مان تنهنجو احسان وساريان سو ناممڪن آهي. سائين! تون ته اگهي جو آڌر آهين. رهندي تنهنجي سارَ سدائين ۾…” (ڳاءِ انقلاب ڳاءِ – ص-471)

شاهه لطيف کي اهڙي ڀيٽا جا ڪيترا ئي ٻيا مثال ڊاڪٽر فياض لطيف پنهنجي هن مقالي ۾ به ڏنا آهن. جيڪي شيخ اياز جي ڪتابن ۾ هنڌ هنڌ موجود آهن. مثال طور شيخ اياز لطيف سائينءَ لاءِ لکي ٿو ته:
“مون قديم کان قديم ترين شاعرن کان وٺي جديد کان جديد ترين شاعرن جي نه رڳو شاعريءَ پر زندگيءَ جو به ڪنهن حد تائين مطالعو ڪيو آهي. دنيا ۾ اهڙو ڪو مثال ئي نه آهي ته ڀٽائيءَ وانگر ڪنهن به شاعر جو پورو ۽ ايترو ڪلام انهيءَ شاعر جي ملڪ جا ماڻهو ڳائيندا/پڙهندا هجن….. انهيءَ ڪلام جو اثر اسان سنڌ جي هر ماڻهوءَ جي زندگيءَ ۽ انجي ڪردار ۾ ڏسون ٿا. انهيءَ ڪلام جي پهچ اسان کي پنهنجي قديم ترين ماضيءَ کان پنهنجي بعيد ترين مستقبل تائين نظر اچي ٿي. جنهن جي تند کي جيڪڏهن دنيا جي هر ذهني حاصلات سان توريون ٿا ته اُٽلَ ڀٽائيءَ جي پاسي ٿئي ٿي…… انهيءَ آواز جون لهرون، سنڌ مان اُڀرن ٿيون ۽ ان کان اڳتي وڏي عالمي ۽ آفاقي ٿي وڃن ٿيون…..” ساڳيءُ طرح هو هڪ ٻئي هنڌ لکي ٿو ته:

“اسانجي تاريخ ۾ جيڪڏهن ڪو به انسان پيدا ٿيو آهي، جنهن وٽ مان پنهنجو اعمال نامو پيش ڪرڻ چاهيندس، جنهن کي مان پاڻ کان حساب ڪتاب وٺڻ جو حق ڏيڻ چاهيندس، جنهن کي مان اهو ٻڌائڻ چاهيندس ته تون مون مان ڇاپئي طلب ڪيو ۽ مان تنهنجي معيار تي ڪيستائين پهتو آهيان. جيڪڏهن ڪو به اهڙو استاد آهي، جنهن جي آدرش جي ڪسوٽيءَ تي مان پنهنجي ڪردار کي پرکڻ لاءِ ٻڌل ٿو سمجهان ته، اهو ڀٽائي آهي. جڏهن به مون کي اهو احساس ٿيو ته منهنجي زندگي هن جي پيغام سان نه ٿي ٺهڪي، تڏهن مان پنهنجي زندگيءَ کي اجايو سمجهندس. اهو ئي شاعر ۽ شخص آهي جنهن جي زندگيءَ ۽ جنهن جي شاعريءَ منهنجي زندگيءَ ۽ منهنجي شاعريءَ تي بي انتها اثر ڇڏيو آهي.” شيخ اياز لطيف سائينءَ کي اهڙي ڀيٽا پنهنجي شاعريءَ ۾ پڻ بار بار ڏني آهي، جن مان ڪافي مثال ڊاڪٽر فياض لطيف پڻ هن مقالي ۾ ڏنا آهن. مثال طور

ڪهڙي ڪُنڀرَ جوڙيو، مٽيءَ بنا ٿانءُ؟
آهي تنهنجي ٻاجهه سان، ميان منهنجو نانءُ،
ڪٿي هجان آنءٌ، جي نه هجين تون جوءِ ۾!
(ڪپر ٿو ڪُن ڪري، 1986ع، ص-255)
*
آءُ ڀٽائي آءُ، تنهنجي کِههَ منهنجون اکيون،
ڏس مون تنهنجو ڪينرو، ڀوريو ناهي ڀاءُ،
ساڳيو جوڳ جڙاءُ، ساڳيا سڏڙا ساز جا.
(ڪُلهي پاتم ڪينرو، 1987ع، ص-5)
*
“جنهن ۾ ڀٽ ڌڻيءَ جو واسو، آءٌ انهيءَ جي ڳولي وو!
(وڄون وسڻ آئيون، 1989ع، ص-106)
ڪڻا کنيم ڪيچ مان، کليا تنهنجا کيت،
مون وٽ مڙئي بيت، تو وٽ آهن آيتون
(ڀنور ڀري آڪاس، 1986ع، ص-21)

مٿين سڀني مثالن ۾ ۽ اهڙن ٻين اڪيچار شعرن ۽ نثري حصن ۾ شيخ اياز شاهه لطيف جي حضور ۾ پنهنجي نمرتا پيش ڪندي نظر اچي ٿو. اهو دنيا ۾ رڳو ۽ رڳو شاهه لطيف ئي آهي جنهن کي ڀيٽا پيش ڪندي، شيخ اياز پاڻ کي هن جي پيرن جي رَئي سڏي ٿو، نه ته مجموعي طور اهو هن جو شخصي ۽ شاعراڻو مزاج نه آهي. اها هڪ لحاظ کان سنڌي شاعريءَ جي جديد دور جي، ڪلاسيڪل سنڌي شاعريءَ جي عروج جي مڃتا، پاڻ کي ان سان ڳنڍڻ ۽ ان جي تسلسل بڻجڻ جي هڪ شعوري ڪوشش به آهي. شيخ اياز جو هم عصر فيض احمد فيض به پاڻ کي غزل جي فارم ۾ اردو جي ڪلاسيڪل شاعريءَ جي گهاڙيٽن سان تخليقي طور ڳنڍيندي نظر ته اچي ٿو پر فيض ان لحاظ کان شيخ اياز جيترو خوشنصيب نه هو جو اردو شاعريءَ جي ڪلاسيڪل دور ۾ هن اهڙي ڪا به فڪري روايت نه ملي سگهي ها. جنهنجو هو حامل هو ۽ جنهن پنجابي ڪلاسيڪل شاعريءَ مان کيس اهو شاعراڻو فڪري ۽ فني ورثو ملي سگهيو ٿي، اُهو هن اختيار نه ڪيو يا پنهنجو نه ڪيو ۽ ان تي وڌيڪ فيض احمد فيض واري ڀاڱي ۾ لکبو۔

هن مقالي ۾ ڊاڪٽر فياض لطيف شيخ اياز جي شاعريءَ ۽ نثري ڪتابن مان موضوع وار مثال ڏئي تفصيل سان انهن فڪري ۽ فني اثرن تي لکيو آهي يا شيخ اياز جي شاعريءَ جا اهي پاسا واضع ڪيا آهن، جن تي شيخ اياز جو لطيف سائينءَ کان غير معمولي اتساهه واضح نظر اچي ٿو. هونئن به شاهه لطيف ۽ شيخ اياز جي شاعريءَ جي تقابلي جائزي جي نه ته ڪا ضرورت آهي ۽ نه ٿي سگهي ٿي. ڇاڪاڻ ته هڪ ته ڪڏهن اياز به ايئن ڪرڻ نه چاهيو ۽ ٻيو ته ارڙهين صديءَ ۽ ويهين صديءَ جي ٻن عظيم شاعرن جي ڪا ڀيٽ ٿي سگهي به نه ٿي. ڇاڪاڻ ته ٻنهي جي دورن، معروضي حالتن، فڪري نظامن، ٻوليءَ، لسانياتي معنويت، محرڪن يا موضوعن ۾ ڪا بنهه هڪ جهڙائي ڳولڻ ڪا عقلي ڳالهه نه ٿيندي ۽ جڏهن ٻن تخليقي روايتن ۾ ايترا فرق هجن ته پوءِ انهن جو تقابلي جائزو پڻ نه ٿو ٿي سگهي. ٿورن لفظن ۾ ڪلاسيڪل دور جو جديد دور سان ڪهڙو تقابلي جائزو ٿي سگهي ٿو؟ نه اهڙو تقابلي جائزو ٽي ايس ايليٽ يا والٽ وئٽمن جو شيڪسپيئر سان ٿي سگهي ها نه فيض ۽ اقبال جو ميرتقي مير ۽ خواجه مير درد ۽ ولي دکنيءَ سان ٿي سگهي ها، نه امرتا پريتم جو بابا فريد، شاهه حسين، باهو يا ٻلهي شاهه سان ٿي سگهي ها ۽ نه وري اڄوڪي جديد سرائيڪي شاعريءَ ۾ اشو لعل جو خواجه غلام فريد سان ٿي سگهندو. ساڳي طرح شيخ اياز جي لطيف سائينءَ سان ڀيٽ به ممڪن ناهي ۽ نه ئي وري ٿيڻ به گهرجي.
منهنجيءَ نظر ۾ شيخ اياز جو اڀياس لطيف سائين جي تناظر ۾ هيٺين پاسن جي حوالي سان ٿي سگهي ٿو ۽ ٿيڻ گهرجي۔

1) هر نئون دور پراڻي يا ان کان اڳ جي دور جو تسلسل به هوندو آهي ۽ ان جي هڪ حد تائين نفي به هوندو آهي. تاريخ ۾ دورن جي تبديليءَ جي ان جدليات کي سمجهڻ جي ضرورت آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته شيخ اياز جو هم عصر عالمي فرينچ مفڪر ۽ ادبي نقاد مشل فوڪو (1984-1926) تاريخ جي ان جدلي وهڪڙي ۽ تبديلين جي عمل کي دورن جي هڪ ٻئي جي مڪمل رد جي لقاءَ جي صورت ۾ ڏسندو هو، جنهن کي مان هن جي ذهن جو اختراع ۽ تاريخ جو هڪ ميڪانڪي تصور سمجهان ٿو. تاريخ ۾ دورن جو تسلسل ۽ رد گڏگڏ هلن ٿا ۽ اسان ادبي ۽ فڪري حوالي سان به ايئن ڏسي سگهون ٿا. معنيٰ ته ڪلاسيڪل دور جي پڄاڻيءَ سان ئي جديد دور اڀريو، جيڪو انجو تسلسل به هو ۽ ان جو ساڳي وقت رد به هو. سياست، فلسفياڻي فڪري معاشي وهنوار ۽ پيداواري ذريعن ۾ ته جديد دور اڳوڻي دور کان مڪمل طور تي متضاد ٿي سگهي ٿو پر ڪلچر، ادب ۽ فن ۾ مڪمل طور ايئن ممڪن ناهي. ادب ۽ فن جي تاريخ فلسفي، معاشيات ۽ سماج جي سياسي تبديلين جي تاريخ کان مختلف ٿئي ٿي. ادب ۽ فن جي حوالي سان تاريخ ۾ تسلسل ۽ رد ٻئي گڏگڏ هلن ٿا. تاريخ جي اهڙي مٽاسٽا ۾ ادب ۽ فن جي حوالي سان ٻولين، سماجن ۽ سندن ادبي ۽ فني روايتن کي وڏا غير معمولي تخليقڪار پڻ گهربل هوندا آهن. ان حوالي سان جرمن ٻولي ۽ ادب کي گوئٽي (1832-1749) مليو، روسي شاعريءَ کي ماياڪووسڪي (1930-1893)، فرانسيسي ٻوليءَ کي بادليئر 1867(-1821) ۽ انگريزيءَ کي ٽي ايس ايليٽ (1965-1888) مليا، ننڍي کنڊ ۾ اردوءَ کي اقبال ۽ فيض مليا، بنگاليءَ کي ٽيگور مليو، ائين ويهين صديءَ ۾ سنڌي شاعريءَ ۽ ادب کي شيخ اياز مليو، جيڪو سنڌيءَ جي عظيم ڪلاسيڪل شعري روايت کي جديد دور سان تخليقي انداز ۾ سلهاڙڻ ۽ پس و پيش هڪ نئين ادبي دور کي اوج تي کڻي وڃڻ ۾ ڪامياب ويو. شيخ اياز جديد سنڌي شاعريءَ جي فڪر، مزاج ۽ ٻين فرقن باوجود وڏي گهري ادبي شعور سان ان کي ڪلاسيڪل روايت سان ڳنڍڻ جي جيڪا ڪامياب تخليقي ڪوشش ڪئي، ان بابت هن پاڻ به سڌو اظهار ڪيو آهي. هو ان حوالي سان لکي ٿو:
“اسانجي نجات انهيءَ ۾ آهي ته ڀٽائيءَ سان پنهنجو سلسلو جوڙيون، اهي روحاني فڪر جي ڀٽائيءَ جي شاعريءَ جي جان هئا، تن کي جديد شاعريءَ جو سنگِ بنياد ڪيون۔

هن ڪوڙ جي سڙاند ۾ وري اها سچ جي سڳنڌ ڦهلايون، جنهن کان هن ڌرتيءَ جي ڪنڊ ڪڙڇ وانجهي ٿي چڪي آهي….. ڀٽائي عظيم آهي پر سنڌ عظيم تر آهي. ڀٽائيءَ سان اسانجو اهو سلسلو دراصل پنهنجي ڌرتيءَ سان ناتو آهي.” يا هو وري ٻئي هنڌ لکي ٿو ته: ڀٽائي هن پراسرار ڪائنات جي هر رمز کي پنهنجيءَ رڳ رڳ ۾ محسوس ڪيو هو. هن جي شاعريءَ جي دنيا ڪنهن حد تائين رنگا رنگ انڊلٺ جي دنيا هئي، پر ساڳي وقت هن جا پير ڌرتيءَ تي هئا. هن جي سنڌ جي عوام سان بي حد محبت هئي، انهيءَ عوام جي ڏک سُک، آس ۽ اُمنگ، هن جي شاعريءَ ۾ جهلڪن ٿا. جيستائين هن ڌرتيءَ تي سنڌيءَ ۾ ڳالهائڻ وارو آهي. تيستائين ڀٽائي زنده رهڻو آهي. سنڌي ٻولي ڀٽائي کانسواءِ اڻ پوري آهي، ڀٽائي انجي پورڻتا آهي.” شيخ اياز مٿين ٻنهي اقتباصن ۾ ڪلاسيڪل دور سان جديد دور جي نسبت ۾ ڌرتيءَ ۽ ٻوليءَ جي سُٻنڌ کي بنياد بنايو آهي. هن سمجهيو ٿي ته ٻنهي دورن جي ادبي لاڙن ۽ شعري روايتن ۾ گهڻ طرفو فرق لازمي هوندو، ان ڪري هن انهن ٻن اهڙن عنصرن تي زور ڏنو، جن ۾ زمان ۽ مڪان سان ڪو خاص فرق نه پوندو يعني ڌرتي ۽ ٻولي، جيتوڻيڪ هن ٻين ڪيترين ٻين جاين تي ٻين عنصرن جو به ذڪر ڪيو آهي. اهم ڳالهه اها آهي ته هن رڳو اهو ٺلهو ذڪر نه ڪيو آهي، پر هن دراصل پنهنجي شاعريءَ ۾ اهو سٻنڌ، موضوعاتي، فڪري، فني، صنفي، ساختياتي ۽ مجموعي طور وڏي تخليقيت سان عملي طور به جوڙي ڏيکاريو آهي. جنهن جا ڪجهه مثال اڳتي ايندا۔

(2) هر دور پاڻ سان گڏ پنهنجي دور جي فڪري نظام، سماجي ماحول، انسان جي وجودي بحران جي محرڪن، ڪلچر جي جوڙجڪ ۽ ٻين انيڪ سببن جي ڪري عام موضوعن سان گڏ ڪجهه مخصوص موضوع پڻ کڻي ايندو آهي. ويندي جن کي عام موضوع جهڙوڪ محبت، نفرت، ڏک، خوشي، اميد، مايوسي، حسرتون، ارمان ۽ خواب وغيره چئبو آهي، اهي بظاهر ته ساڳيا موضوع نظر اچن ٿا پر انهن ڏانهن ماڻهن جي سوچ ۽ روش ۾ به هر دور ۾ وڏو فرق هوندو آهي. موضوع بظاهر ساڳيا هوندا آهن پر انهن جي ثقافتي جوڙجڪ (Cultural construction) ساڳي نه هوندي آهي. دنيا ۾ ويهين صديءَ ۾ ساختيات ۽ ساختيات پڄاڻان بحث مباحثن ۾ انهن لفظن جي گهڻي ڇنڊڇاڻ ڪئي وئي آهي. فرينچ مفڪر ۽ ادبي نقاد مشل فوڪو ته علم ۽ فڪر کي به هڪ ‘ثقافتي تشڪيل’ قرار ڏئي ٿو. بلڪل ائين جيئن ساختيات ۽ ساختيات پڄاڻان مفڪر ٻولي، لفظن، محاورن ۽ معنيٰ کي به سماجي تشڪيل (Social construct) قرار ڏين ٿا. ان سموري بحث ۾ معنيٰ ۽ معنويت جا وڏا بحث اٿيا، جن معنويت کي ڪائناتيت (Universality) مان ڪڍي مقاميت تائين محددو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ معنويت کي زمان ۽ مڪان سان مشروط ڪري ڇڏيو. جديديت پڄاڻان ۽ ساختيات پڄاڻان فڪري روايتن جو زور پڻ ان تي آهي ته مفهوم ۽ معنويت جي ڪُليت جو دور پورو ٿي چڪو آهي. جڏهن ته مان سمجهان ٿو ته معنويت جي ڪُليت ۽ جزويت، عالمگيريت ۽ مقاميت گڏگڏ هلن ٿا، جن کي مشل فوڪو مڪمل طور رد ڪري ٿو. دريدا معونيت جي ڪُليت کي “لوگو مرڪزيت” جي اصطلاح سان تعبير ڪيو هو ۽ انجي رد ۾ پنهنجي نظريي کي ڊفرينس (Differances) جي صورت ۾ پيش ڪيو هو. جنهن جو مفهوم پنهنجي اصطلاحي ساخت مان ئي ظاهر آهي ته اُهو فرق يا تفرق کي واضح ڪري ٿو ۽ سندس چوڻ هو ته: ڪو ئي متن حتمي، مطلق ۽ واحد معنيٰ نه ٿو رکي. متن جون معنائون مسلسل، متفرق ۽ ملتوي ٿينديون رهيون آهن.” هتي اسانجو مقصد ان رد تشڪيل جي لساني ۽ معنوي بحث جي تفصيل ۾ وڃڻ ناهي پر اهو واضع ڪرڻ آهي ته هر دور فڪري طور معنويت جو پنهنجو جدا نظام به رکي ٿو۔

ان سموري حوالي سان شيخ اياز ڪلاسيڪل دور کان جديد دور ۾ سنڌي ادب جي داخل ٿيڻ ۾ وڏو اهم ڪردار اد اڪيو. خاص طور شاعريءَ جي حوالي سان موضوعاتي نواڻ يا تبديلي ان جو هڪ خاص عنصر هو. مثال طور ڪلاسيڪل دور جي سنڌي ادب جو اهم موضوع تصوف هو، جنهن تي داخليت ۽ تخيل وڌيڪ حاوي هئا، جو تصوف جو عشق جو تصور جسماني ۽ نامياتي کان وڌيڪ روحاني، وجداني، تصوراتي، تخيلاتي ۽ اختراعي وڌيڪ هو. جڏهن ته جديد دور ۾ روشن خيالي، ترقي پسندي، محبت جو انساني تصور، سماجي زندگيءَ جا حقيقي عڪس، سياسي، قومي ۽ طبقاتي سوال، سيڪيولر سوچ، روايت پسندي ۽ رجعت پسنديءَ کان بغاوت يا انساني ۽ سماجي مرڪزيت وارا سوال ۽ موضوع ادب ۾وڌيڪ حاوي لاڙن طور اُڀريا. مجموعي طور چئي سگهجي ٿو ته ڪلاسيڪل دور ۾ مابعدالطبعي جماليات ۽ تفڪر وڌيڪ حاوي هئا ۽ جديد دور ۾ سيڪيولر يعني حقيقي موجود زندگيءَ جا موضوع وڌيڪ نمايان هئا. مجموعي طور ڪلاسيڪل دور ۾ داخليت ۽ تخيل حاوي هيا. ساڳيءَ طرح ڪلاسيڪل دور ۾ “خدا” شاعريءَ جو هڪ اهم ۽ حاوي موضوع هو پر جديد دور ۾ اها جاءِ انسان والاري ۽ بلڪل اهڙي طرح ڪلاسيڪل دور ۾ روحانيت جو لاڙو حاوي هو پر نئين دور ۾ سماج وڌيڪ حاوي ٿيو.
انهن سموري دورن جي مٽاسٽا جي تخليقي عمل ۽ لقاءَ ۾ شيخ اياز پنهنجي شاعريءَ وسيلي تمام اهم ڪردار ادا ڪيو، جنهن تي تفصيل سان تحقيقي ۽ تنقيدي ڪم ڪرڻ جي گهرج آهي. اياز جو ڪمال اهو هو ته هن ان ڪيفيتي تبديليءَ جي تخليقي عمل ۾ وڏي ڏاهپ، توازن ۽ غير محسوس احتياط کان ڪم ورتو. ان ڏس ۾ هو تمام واضع هو ۽ پنهنجي عظيم ڪلاسيڪي ورثي جي اهميت ۽ انجي تخليقي تسلسل جي صورت کان به واقف هو. هو لکي ٿو : مان ڀانيان ٿو ته، ماضيءَ جي ادبي روايتن سان ناتو ٽوڙڻ هڪ جذباتي غلطي ٿيندي…… نه فقط هر سنڌي پر هر پاڪستاني ۽ هندستاني شاعر کي پنهنجي تاريخ، تهذيب، لوڪ ادب ۽ ديهاتي زندگيءَ مان ڀرپور مواد هٿ ڪرڻ گهرجي ۽ پنهنجي ذهانت تجربي ۽ سياسي ۽ ادبي شعور آهر اهو مواد پنهنجي شاعريءَ ۾ ڪم آڻڻ گهرجي. اهو غلط آهي ته ماضيءَ سان رشتو قائم ڪري، شاعر حال کان ڪٽجي ويندو. جي هن ۾ ڏات آهي، سچائي آهي ۽ جي هو پنهنجي ڀرپور جذبي، تجربي ۽ خيال جي گهرائي مان لکي ٿو ته، هو ماضيءَ سان رشتو جوڙي به، حال جو ترجمان ٿي سگهي ٿو.”
ڊاڪٽر فياض لطيف ان حوالي سان بلڪل درست لکيو آهي ته:
“بلاشبه اياز نه فقط پنهنجي ماضيءَ سان سٻنڌ قائم رکيو ۽ ان مان گهڻو ڪجهه حاصل ڪيو آهي. پر پنهنجي ماضيءَ جي تاريخ، تهذيب، لوڪ ادبي ۽ ڪلاسيڪي ورثي کي هن پنهنجي ڏاهپ، ڏات ۽ ڏانءُ سان پنهنجي شاعريءَ ۾ پڻ ڀرپور نموني سان سمايو ۽ اظهاريو آهي.”
(3) شاهه لطيف جي رسالي ۾ جيڪي داستان آيل آهن، اهي گهڻي ڀاڱي ڪلاسيڪي دور ۾ ڳايا ويا آهن ۽ اها ٻي ڳالهه آهي ته انهن کي گهري فلسفيانه معنويت جو معراج دراصل شاهه لطيف ڏنو. ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ به لکيو آهي ته:
“شاهه لطيف جي ڄمڻ تائين، سنڌي شاعري، پنهنجي اوسر ۾ ڪافي اڳتي وڏي چڪي هئي. ڳاهن، ڳنانن ۽ ڏوهيڙن کان اڳتي هلي، بيت ۽ وائي رواج ۾ اچي ويا هئا. بيتن توڙي واين کي داستانن توڙي سُرن ۾ ورهائڻ ۽ ترتيب ڏيڻ جو طريقو گهڻو اڳ ٿي چڪو هو، سنڌ جي لوڪ ڪهاڻين جي ٽاڻن، ماڳن توڙي ڪردارن جو اهڃاڻي استعمال به عام ٿي چڪو هو. جوڳي، کاهوڙي، سسئي، مارئي، سهڻي توڙي ٻيا داستان ۽ ڪردار سنڌي شاعريءَ جو موضوع بڻجي چڪا هئا. شاهه لطيف جي پس منظر ۾ ڳاهن، ڳنان، ڀاڳوڀان، قاضي قادن، شاهه لطيف الله قادري ۽ مئين شاهه عنات جون شاعراڻيون روايتون هيون…..”۔

شيخ اياز جو هڪ ڪمال اهو به هو جو هن جتي پنهنجو شاعراڻو نظام وضح ڪيو، اتي هن ڪلاسڪيل دور جي داستانن کي نئين معنونيت، نسبت ۽ صورت پڻ ڏني. ان موضوع تي ڊاڪٽر فياض لطيف پنهنجي هن مقالي ۾ تفصيلن ۽ مثالن سان ان کي واضح ڪيو آهي. ان حوالي سان شيخ اياز پاڻ به لکي ٿو ته:
“مون سنڌ جي (لوڪ) ڪهاڻين وارا سُر ٻيهر لکيا آهن ۽ هر سُر ۽ ڪنهن نئين خيال کي ان جي توڙ تائين رسائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. مون کان اڳ هر سنڌي شاعر، هر سُر ۾ وحدت الوجود کي پيش ڪيو آهي. پر مون هر سُر ۾ هڪ نئون خيال پيش ڪيو آهي ۽ ان جو سلسلو قائم رکي، ان کي گهربل نتيجي تائين پهچايو آهي.”
ڊاڪٽر فياض لطيف ان حوالي سان گهڻن ئي سُرن جا مثال ڀٽائي ۽ اياز ٻنهي مان ڏنا آهن. ۽ انهن جي فرق کي تمام باريڪ بيني سان ۽ ٻنهي ۾ فرق جي نوعيت کي گهرائيءَ سان بيان ڪيو آهي. مان سندس مقالي مان اهڙي تضمينن جو رڳو هڪ ئي مثال سندس مقالي مان ڏيڻ چاهيندس. هو لکي ٿو :
“اياز توڙي جو ڀٽائي جي ٽيهن ڪلاسيڪي سُرن مان پنهنجي شعري مجموعي، (ڪپر ٿو ڪن ڪري) ۾ فقط يارنهن سُر، سورٺ، نوري، سسئي، سهڻي، ليلا، مومل، موکي، مارئي، گهاتو، ڪيڏارو ۽ ڪاپائتيءَ تي طبع آزمائي ڪئي آهي، پر انهن مان هر هڪ سُر ۾ هن پنهنجي خيال ۽ فڪر جي مِي اوتي آهي. پنهنجن جذبن ۽ احساسن جي جوت جلائي آهي، پنهنجن خوابن ۽ خوبصورتين جو اظهار ڪيو ۽ پنهنجن لڙڪن ۽ مُرڪن جو وکر ونڊيو آهي. هو لطيف جي رَندن ۽ پنڌن تي هلندي به، سچ ته گهڻن حوالن سان نهايت نرالو ۽منفرد محسوس ٿئي ٿو. ڀٽائي ۽ اياز جي بيتن جا چند مثال نموني خاطر هيٺ پيش ڪجن ٿا.”
وريتيون وَرو، آئون نه وَرندي وَرَ ريءَ،
جڏي هِن جبل جو تانگهينديس تَرو،
جَتن ساڻ ذرو، نيههُ نبيرڻ نه ٿيي.
(شاهه جو رسالو-شاهواڻي، سسئي، ص-269)
ڀٽائيءَ وٽ سسئي عاشق آهي ۽ پنهون معشوق، پنهونءَ جي حاصلات لاءِ هر لمحي سسئي سرگردان نظر اچي ٿي. پنهونءَ خاطر اڪيلي سر جبل به هوءَ ٿي جهاڳي، ته پيرَ به پِٿون هن جا ٿا ٿين. لوڪ جا مهڻا، دربدري ۽ تلاش جي تشنگي به هن جي پُکي ۾ ٿي پوي ته، سرتين ۽ سهيلين جي جدائيءَ جا جهيرَ به هوءَ ٿي برداشت ڪري، پر اياز وٽ سسئي بدران پنهون عاشق ۽ سسئي معشوق آهي. محبت ۽ بي چيني جو اظهار به سسئيءَ بدران پنهون ڪري ٿو. هو جڏهن سسئيءَ کي پهريون ڀيرو ڏسي ٿو، تڏهن هن جي سونهن ۽ سوڀيا پَسي، سندس هوش خطا ٿي وڃن ٿا ۽ هڪ لمحي لاءِ ڄڻ ته سندس پيرن هيٺان زمين کسڪي وڃي ٿي ۽ سرمستيءَ ۾ سسئيءَ سان مخاطب ٿي، پنهنجي موهه جو اظهار هن ريت ٿو:
هُونءَ ته ڪيڏيون ڪامڻيون، ماڻيون آهن مون!
پر سڀني کان سَسئي آنهه انوکي تون،
مون اِئين ڀانيو ڀوُن، پيرن کان نِڪري وئي.
(شيخ اياز، ڪير ٿو ڪن ڪري، سسئي، 1986ع، ص-106)
ٿورن لفظن ۾ اهو تقابلي جائزو وٺجي ته داستان جي معنوي ۽ احساساتي بيهڪ ئي مٽجي وڃي ٿي ۽ ڪلاسيڪل دور ۾ سسئيءَ جي ابتڙ جديد دور جي سسئي شيخ اياز وٽ پڄي متحرڪ فاعل مان ساڪن مفعول ۾ تبديل ٿي وڃي ٿي ۽ پنهون جنهن جو ڪلاسيڪل داستان ۾ ڪو به احساساتي طور متحرڪ ڪردار نه هو، اهو هڪ عاشق طور مرڪزي حيثيت حاصل ڪري وڃي ٿو. مان سمجهان ٿو ته اهو ڦيرو رڳو داستان ۽ انجي ڪردار جي ڪيفيت ۾ تبديليءَ جو ناهي پر اهو هڪ داستان جي ڪلاسيڪل دور کان جديد دور ۾ داخل ٿيڻ جو فڪري نتيجو آهي. جڏهن معنويت زمان ۽ مڪان سان تبديل ٿئي ٿي ته پوءِ ڪردار به پنهنجي ڪيفيت ۽ احساساتي جُوڻ دورن جي حساب سان مٽائين ٿا. اها ساڳي تبديلي سهڻيءَ ۾ به ڏسجي ٿي. جيڪا ڪلاسيڪل دور ۾ ميهار کي ساڪن مفعول جي صورت ۾ هڪ غير متحرڪ معشوق ئي رهڻ ڏيئي ٿي. يعني ميهار جو ڪو به احساساتي طور متحرڪ وجود ناهي ۽ هو سهڻيءَ جي جذبن ۽ حسيات مان تشڪيل ٿيل آهي، پر اياز وٽ سهڻي ڪلاسيڪل دور جي هڪ طرفي عشق جي قائل ناهي ۽ هوءَ احساساتي معاملن ۾ به صنفي برابريءَ جي قائل آهي. هوءَ ميهار کي پنهنجي احساساتي تشڪيل جي ساخت مان آزاد ڪري ٿي ۽ چوي ٿي ته:
تون به ته تري آءُ، ڪڏهن منهنجي پارَ ڏي!
سدا مون کي سير جو، ڏنئي ڇو سوداءُ،
مِهر! محب! ملاءُ، توکي ڇِڪي ڇو نه ٿو ؟
(شيخ اياز، ڪير ٿو ڪن ڪري، سهڻي، 1986، ص-129)
پر هڪڙي ڳالهه آهي ته اياز سهڻيءَ ۽ ميهار جي ڪردارن جي ڪيفيت کي تبديل ته ڪيو پر ميهار کي اُها سرمستي، سورهياڻي ۽ نينهنَ اُڇل ڏئي نه سگهيو، جيڪا لطيف سائينءَ وٽ سهڻيءَ جو معيار ۽ معراج هئي. ان حاظ کان لطيف سائينءَ وٽ عشق جي شدت، گهرائي ۽ حسناڪي شيخ اياز کان گهڻو مٿي بيٺل آهي. البته مارئيءَ جي نئين تشڪيل ۾ اياز اها اورچائي پيدا ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو آهي.
انجو سبب شايد اهو به هجي جو مارئي وطن دوستيءَ جي علامت آهي ۽ وطن دوستي اياز جي شاعري آهي جو هڪ وڏو محرڪ رهيو آهي. اياز جي مارئي عمر سان هئين مخاطب ٿئي ٿي ته:
اڃا ڪر اُڀو، اُوچو پنهنجي ڪوٽ کي
نِوڙي متان چنڊ ڏئي مون کي ڪو نياپو!
پوءِ به سدا هوندو، منهنجو پير پنهوار سان
*
ڀٽن ۾ ڀونچال، اچڻو آهي اوچتو،
سدا رهندو سومرا! هنئين نه منهنجو حال
تو هي خام خيال، “سوگهيون آهن سنگهرون”.
*
تون ڀانئين ٿو سومرا، سدا رهندين تون!
ڪڙا ڏئي ڪوٽ کي، نيرَ وجهي مون؟
پيرن هيٺان ڀون، چار ڏهاڙا ڏاڍ کي.
(شيخ اياز، ڳاءِ انقلاب ڳاءِ 2015ع، ص-78-79)
ڊاڪٽر فياض هن مقالي ۾ اهڙا انيڪ مثال ڏنا آهن جن جي تفصيل ۾ مان نٿو وڃان، جو ان موضوع تي تفصيل سان جدا لکڻي جي ضرورت آهي. سو مجموعي طور اها ڳالهه تمام اهم آهي ته وچولي دور جي اهم لوڪ داستانن کي ڪلاسيڪل دور مان شيخ اياز جديد دور ۾ نئين معنويت ۾ ڪاميابيءَ سان منتقل ڪيو ۽ ڪمال اهو آهي ته سنڌي ادب ۾ لوڪ داستانن جون ٻئي تمثيلي حيثيتون ۽معنائون ساڳيءَ طرح اهميت جون حامل آهن ۽ انهي داستانن ۽ ڪردارن جي تخليقي ۽ متحرڪ تشڪيل جو ئي نتيجو آهي جو انهن جي اهميت ۽ جاذيت کي ڌڪ يا ڇيهو نه رسيو آهي.
(4) ڪلاسيڪل ۽ جديد دور جي فرقن ۾ مٿي بيان ڪيل نقطن سان گڏ قدرن جون به نيون شڪليون ۽ معنائون سامهون آيون ۽ انهن جي نئين تشبيهه شيخ اياز پنهنجي شاعريءَ ۾ تخليق ڪري ڏيکاري. مثال طور سورهيائي هڪ وڏو قدر، عنصر ۽ ڳڻ آهي ۽ ڪلاسيڪل دور ۾ خاص طور شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ سورهيائيءَ جيتوڻيڪ جسماني صورت ۾ به اتم درجي تي پهتل آهي پر انجو اهم ترين پاسو ذهني ۽ احساساتي سورهيائي جو آهي. لطيف سائينءَ جو هر ڪردار انجو مجسمو آهي. پر اها سورهيائي جسماني توڙي احساساتي معنيٰ ۾ داخليت سان وڌيڪ سلهاڙيل هئي ۽ انفرادي مقصد لاءِ هئي. تصوف ۾ اجتماعيت جو تصور وحدت الوجود جي معنيٰ ۾ ته آهي، پر گڏيل وجودي معنيٰ ۾ ناهي. تصوف جو روحانيت جو پنڌ به انفرادي آهي ته ان جون سورهيائيون قربانيون ۽ مقصد پڻ انفرادي آهن پر جديد دور ۾ جيئن ته خارجيت حاوي رجحان هو، انڪري انفرادي قرباني، سورهائي يا آدرش به خارجيت ۽ اجتماعيت سان سلهاڙيل هئا. خاص طور ترقي پسند روايت جو زور ان تي وڌيڪ هو. اها ساڳي ڳالهه قرباني، آدرشن، مقصديت ۽ ٻين قدرن ۽ عنصرن يا ڪيفيتن تي به لاڳو آهي. شيخ اياز انهن قدرن جون معنائون ۽ شڪليون جديد دور جي حساب سان تبديل ڪري ڏيکاريون ۽ ائين قدر به ڪلاسيڪل دور جي تشڪيل مان نڪري، جديد صورت ۾ سنڌي ادب ۽ خاص طور شاعريءَ ۾ سامهون آيا. اياز جي شاعري اهڙن سوين مثالن سان ڀري پئي آهي. هتي ڊيگهه کان بچڻ لاءِ مان مثال نه ٿو ڏيان پر ان پاسي تي معياري تحقيق ۽ پرک/تنقيد ٿيڻ گهرجي.
(5) ڪلاسيڪل دور جون صنفون مخصوص ۽ محدود هيون، جن ۾ بيت، وائي، ڪافي، دوها، سورٺا ۽ ٻيون صنفون هيون، پر جديد دور نه رڳو انهن مروج صنفن کي نئون فني ۽ موضوعاتي جنم ڏنو پر نين صفن خاص طور نظم کي عروج بخشيو. شيخ اياز ان حوالي سان سچ پچ ته تخليقي طور ڪمال ڪري ڏيکاريو. هن جي تخليقي ڇُهاءَ کانپوءِ نه ڪلاسيڪي صنفون ساڳين گهاڙيٽن ۽ موضوعاتي دائرن تائين محدود رهيون ۽ نه يورپ ۽ ٻين خطن مان سنڌي ٻوليءَ ۾ آندل صنفون ڪي اوپريون رهيون. ان حوالي سان هن جا تخليقي تجربا لاجواب آهن. جزويات ۾ وڃجي ته لطيف سائينءَ بيت ۽ وائيءَ جي صنفن کي جنهن معراج تي وٺي ويو، انکانپوءِ انهن صنفن کي نئين انداز سان اڳتي وٺي وڃڻ تمام ڏکيو هو پر شيخ اياز اهو ممڪن ڪري ڏيکاريو. هن ساڳي طرح گيت، غزل، لوڪ گيت، هائيڪي، نظم ۽ انيڪ صنفن کي سچ پڇ ته نئون تخليقي جنم ڏنو. مان سڀ کان حيران ته ان ڳالهه تي ٿيندو آهيان ته لطيف سائين خاص ڪري تشبيهن، استعارن، تمثيلن ۽ ترڪيبن جي پوري جهان ۾ سنڌي ٻولي کي جنهن بلنديءَ، گهرائيءَ ۽ وسعت تي وٺي ويو هو، ان کانپوءِ به شيخ اياز پاران تخليقي ترڪيبن جو هڪ نئون جهان آباد ڪرڻ هڪ حيرت انگيز تخليقي ڪارنامو آهي ۽ ان ۾ هو ڪٿي به هڪ حد کان وڌيڪ تبتع يا ورجاءُ جو شڪار نه ٿيو آهي. ان ڳالهه کي کولي مثالن سان بيان ڪرڻ لاءِ هڪ جدا مقالي جي گهرج آهي، هڪ مقالي جي ذيلي نقطي ۾ اهي تفصيل هتي بيان نٿا ٿي سگهن. ان جي هڪ غير معمولي ڳالهه اها به آهي ته اياز به پنهنجي ترڪيبن ۽ علامتن جو گهڻو حصو بنيادي طور پنهنجي ڌرتيءَ، ماحول، تاريخ ۽ انساني زندگيءَ مان ورتو آهي. جنهن مان ڪلاسيڪل دور ۾ شاهه لطيف پنهنجي شاعريءَ ۾ لسانياتي جماليات ۽ علامت نگاريءَ جو سڄو سنسار جوڙيو هو. شيخ اياز ان حوالي سان لطيف سائينءَ کي ڀيٽا ڏيندي ڪيڏو نه حسين اظهار ڪيو آهي، جنهن ۾ هو چوي ٿو ته:
“شاهه لطيف سنڌي شاعريءَ کي اظهار ۽ بيان جو جيڪو سليقو بخشيو، ان جي سڀ کان وڏي خوبي اها آهي ته ان ۾ ڪٿي به ڳنڍُ يا جوڙُ نظر نه ٿو اچي. هن پنهنجي شاعريءَ ۾ جيڪي لفظ، پهاڪا ۽ استعارا استعمال ڪيا آهن، سي سڀ هن پنهنجي ڌرتيءَ جي جهوليءَ مان چونڊيا آهن. هن پنهنجي ڌرتيءَ جي تهذيب ۽ تاريخ کي پنهنجو پاڻ ۾ سمائي ڇڏيو آهي. هن ڌرتيءَ تي رهندڙ انسانن جي اندر ۾ جهاتي پائي، انهن جي ڏکن سکن کي سهيڙيو، سندن سپنن کي پنهنجن نيڻن ۾ سانڍيو ۽ پنهنجي شاعريءَ کي انهيءَ جي تعبير جو آئينو بڻائي ڇڏيو آهي.”
(6) تصوف جي فڪري روايت مان سرجيل ڪلاسيڪل ادب جو موضوع ٿلهي ليکي وحدت الوجود هو ۽ ايئن اهو رڳو سنڌي ٻوليءَ سان نه هو پر فارسي، عربي (اسلام کانپوءِ)، پنجابي، سرائيڪي، ترڪي ۽ انيڪ ٻولين ۾ هو. شاهه لطيف جي شاعريءَ جون تشريحون انيڪ رخن کان ٿي سگهن ٿيون پر هن جو بنيادي فڪر بهرحال وحدت الوجود ئي آهي. سوال آهي ته ڇا شيخ اياز جي شاعريءَ ۾ به وحدت الوجود جي فڪر کي هڪ حاوي لاڙي يا روايت طور شمار ڪري سگهجي ٿو؟ ان حوالي سان مان ڊاڪٽر فياض لطيف جي موقف سان ڪجهه اختلاف ڪيان ٿو. هو لکي ٿو:
“اياز پڻ وحدت الوجودي آهي، هن جو حدت الوجود، سنڌ ۽ ڀٽائيءَ سان عشق جي تجديد آهي.”
جيتوڻيڪ شيخ اياز پاڻ به اهڙي دعويٰ ڪئي آهي، جنهن کي ڊاڪٽر فياض لطيف هڪ حوالي طور شامل ڪيو آهي. هن لکيو آهي:
“نظرياتي طور مان تصوف جي وحدت الوجود جو قاعل آهيان. عطار، رومي، عمر خيام، سرمد، حسين بن منصور حلاج ۽ پنهنجي ڀٽائيءَ کان متاثر آهيان. جنهن نه رڳو سنڌ لاءِ سڪار گهريو هو، پر پوري عالم لاءِ دعا گهري هيائين ته اهو آباد رهي.”
مان سمجهان ٿو ته شيخ اياز جي شاعريءَ جو حاوي فڪري پاسو جديد فڪر آهي، جنهن جو گهڻو زور روشن خيالي، عقليت، انقلابيت، مزاحمت، سماجي انصاف، انفرادي ۽ اجتماعي آزاديءَ جي تصورن تي ٻڌل هو. جڏهن ته وحدت الوجود بنيادي طور هڪ روحاني، وجداني ۽ داخلي فڪر آهي. انڪري مجموعي طور شيخ اياز کي وحدت الوجود سڏي نه ٿو سگهجي ته هو ڪو بنيادي طور سڄي زندگي وحدت الوجودي فڪر سان سلهاڙيل رهيو هو. ها البته سندس آخري دور جي لکيل دعائن، نثري لکڻين ۽ ڪيتري شاعريءَ ۾ گهڻي مذهبيت ۽ ڪٿي ڪٿي شعوري طور اختيار ڪيل روحانيت جا اثر ۽ حوالا ملي سگهن ٿا. پر صرف مذهب ۽ روحانيت کي وحدت الوجودي فڪر نه ٿو سڏي سگهجي ۽ نه ئي وري لطيف جي سنڌ سميت سموري سنسار لاءِ دعا گهرڻ جو به ڪو وحدت الوجودي فڪر سان تعلق آهي. اها هن جي انسان دوستي هئي، جنهن جو هن اظهار ڪيو هو.
وحدت الوجود جي فڪر کي ته لطيف سائينءَ هينئن بيان ڪيو هو ته:
ايڪ قصر، دَر لکَ، ڪوڙين ڪڻس ڳڙکيون،
جيڏانهن ڪريان پرک، تيڏانهن صاحب سامهون
(يمن ڪلياڻ)
يا وري ٻئي هنڌ چيائين ته:
ساهڙ سا سهڻي، سائر پڻ سوئي،
آهي نجوئي، ڳُهه، ڳُجهاندر ڳالهڙي.
(سهڻي)
اصل ۾ ڪنهن به شاعر يا اديب توڙي مفڪر کي سندس دعوائن مان ناهي پرکبو پر سندس لکيل ۽ چيل مواد جي پرک، ڇنڊڇاڻ ۽ ان ۾ موجود فڪري رجحانن مان خبر پوندي آهي ته سندس فڪري لاڙا ڪهڙا آهن يا رهيا آهن. شيخ اياز جي نثري لکڻين ۽ چوڻين ۾ ايتريون ته متضاد دعوائون موجود آهن جو انهن کي بنياد بڻائي سندس فڪري رجحانن جي ڪٿ ۽ ثابتي نه ٿي ڪري سگهجي. اصل ماخذ هن جون دعوائون نه پر هن جو تخليق ڪيل ادب آهي. مون هن جي اهڙين متضاد ڳالهين ۽ دعوائن تي جدا مضمون ۾ تفصيل سان لکيو آهي.
(7) آخري ڳالهه ته شيخ اياز پاران انيڪ دعوائن ته هن جي شاعريءَ تي لطيف سائينءَ جو گهرو اثر آهي، جي باوجود شيخ اياز ۽ لطيف سائينءَ ۾ گهڻن فرقن سان گڏ ڪجهه جزوي ۽ بنيادي تضاد به آهن. مثال طور لطيف سائينءَ ۾ خود قياصي، وطن ۽ ماڻهن کي ميار جو تصور به ناهي، جنهن جا ڪجهه مثال هتي ڏئي سگهجن ٿا. مثال طور:
آيل اُنَ نَه وُسهان، هنجون جي هارين،
آڻيو آب اکين ۾ ڏيهه کي ڏيکارين
سڄڻ سي سارين نه روئن نه چون ڪي
*
عمر سڀ عشق سڀن، پنهون جي پڇن
ريسَ ريزاليون تِن سين، ڪُڄاڙي لاءِ ڪن
وڏا طالع تن جا مارڳ جي مرن
لطيف سائينءَ جو سڄو رسالو اهڙن بيتن سان ڀريو پيو آهي ۽ سندس ڪو به ڪردار خود قياصي، پڇتاءُ يا ناڪام ٿيڻ يا بي قدريءَ جي وجودي بحران جو شڪار نظر نه ٿو اچي. جڏهن ته اياز صاحب ۾ اهو رجحان گهڻن حوالن سان موجود آهي. انجو شايد نفسياتي سبب اهو آهي جو هو پس و پيش وچولي طبقي جي نفسيات ۾ ويهي سوچي ۽ اظهار ڪري ٿو. مثال طور سندس ڪجهه هي شعر ڏسو!
“مون جو قيد قبوليا، ائين آڌيءَ رات،
مُلهه چُڪايو مون ميان!”
(ڪپر ٿو ڪُنَ ڪري)
(ضمير آدرسن ۽ وطن جو به ڪو مُلهه چڪائبو آهي ڇا؟)
پَل پَل پيڙ ڏين،
ڪڙا منهنجي ڪنڌَ جا!
(ڪپر ٿو ڪُن ڪري)
هي ديس مري ويو آهي،
تون ڪنهن کي ٿي ڌونڌاڙين؟
اي ڪويل!
ڪُو ڪي ڪُو ڪي
تون ڇا ٿي چيرين، ڦاڙين؟
تون ڇا ٿي پاڻ پڇاڙين؟
هن مردي ۾ دل به ته ناهي!
دل به ته ناهي!
دل به ته ناهي!
(وڄون وسڻ آيون)
*
هن ڪلراٺيءَ ڌرتيءَ تي مان
ٻيو ٿي نه سگهان، توڙي چاهيان
(وڄون وسڻ آيون)
*
منهنجا گيت ڪڏهن اي ڌرتي!
چئه، تو کان ڪو مُلهه گهرن ٿا؟
(راڄ گهاٽ تي چنڊ)
*
سوچيو اٿم سئو دفعا ايٿان ٿيان ٿانيڪو
اورانگهيان نه عام کي، لنگهان نه لڪو
ڇاڪاڻ هي ٺيڪو، کنيو ڏات ڏکن جو
(ڳاءِ ڳاءِ انقلاب: ص-40)
*
آيل هاريان آنءُ، هنجون ڪنهن جي هنج ۾؟
دکي سارو ديس آهه، هر ڪنهن هيڻو هان
جنهن کي ڏڍُ نه ڏانءُ، سا ڪيئن ڪاٽي ڏينهڙا!
(ڳاءِ ڳاءِ انقلاب: ص-46)
اُڀري سجَ لهي ويا، ڏيهه اهو ئي ڏُٿَ،
سانگيئڙا سڀ ٻُٿَ، ٻڙڪَ نه ٻاڦي سنڌڙي
(ڳاءِ ڳاءِ انقلاب: ص-66)
رات وسيهر ونگ، ڏينهن کَپرُ جيئن کائڻو،
آءٌ ٿڪو هان، ٿر ڌڻي، چوري تنهنجا چنگ!
ڏات نسورا ڏنگَ، موٽائي وَٺُ اوميان!
(ڳاءِ ڳاءِ انقلاب، ص:70)
“ٽڙيا سين دامن صحرا ۾،
ساري خوشبوئي اجائي وئي”
اهڙا ڪيترا پڻ شعر آهن، جن ۾ اهڙن خيالن، احساسن ۽ روين جا عڪس ڏسي سگهجن ٿا، جيڪو منهنجيءَ نظر ۾ لطيفي ۽ معياري رويو ناهي ۽ اهو هروڀرو ضروري به ناهي ته هر شاعر ان لطيفي رويي جي معيار تي پورو لهي پر هتي منهنجو مقصد رڳو اهو نقطو اڀارڻ آهي ته شاهه لطيف کان تمام گهڻو اتساهه وٺڻ جي دعويٰ باوجود شيخ اياز جي شاعريءَ ۾ ڪٿي ڪٿي ڪي جزوي ڳالهيون اهڙيون به آهن، جيڪي لطيفي فڪر ۽ آدرشي رويي جي تضاد ۾ آهن.
بهر حال مجموعي طور ڊاڪٽر فياض لطيف جو هي مقالو تمام معياري، تحقيقي ۽ پرک سان ٽمٽار آهي ۽ ان طرح لطيف سائينءَ ۽ شيخ اياز جي شاعريءَ جي لاڙن ۾ هڪجهڙائي ۽ فرق کي وڌيڪ اڀياس سان سامهون آڻي سگهجي ٿو. جيستائين سنڌي شاعريءَ جي ڪلاسيڪل ۽ جديد دور جو تعلق آهي ته شيخ اياز بلڪل درست چيو هو ته:
“ڪجهه شاهه ڏني، ڪجهه شيخ ڏني،
هن سنڌڙيءَ کي صورت لوڪو
(ڳاءِ ڳاءِ انقلاب، ص: 756)
يا پنهنجو عڪس ڀٽائيءَ ۾ ڏسندي چوي ٿو ته:
ڄڻ مون پنهنجي تصوير ڏٺي،
اڄ ڀٽ ڌڻيءَ جي خاڪي ۾!
(ڳاءِ ڳاءِ انقلاب، ص-758)
اهو دراصل اياز جو لطيف سائين کان مليل اٿاهه مجموعي اتساهه آهي، جنهن جو اظهار ڪندي هو هميشه فخر محسوس ڪري ٿو ۽ بجا طور ڪري ٿو. هو سنڌ جي پنهنجي بحراني دور کي ٿر سان تشبيهه ڏيندي، پنهنجي شاعريءَ کي به ان دور جو وڏو اتساهه سمجهندي ۽ انجو برملا اظهار ڪندي چوي ٿو ته:
پلي آس ٿر مان نه آ ٿوهرن
ڀٽائي! ڏسين ٿو، وڄون ٿيون ورن
(ڳاءِ ڳاءِ انقلاب، ص-759)
هو جيئن ته پاڻ هڪ باغي شاعر هو، انڪري هن ڀٽائيءَ کي به ان اَک سان ڏٺو، جڏهن هن چيو هو ته:
“ڪهڙو نه تنبورو آ؟
ٿي باهه ٻري جنهن مان، هٿ لاءِ ته کورو آ!”
هن ڀٽائيءَ کي ڀيٽا ڏيندي ۽ هر قسم جي عقيدي جي نفي ڪندي چيو هو ته:
اسان لاءِ سيد ته ڪا شيءِ نه آ،
اسان لاءِ شاعر وڏي بات آ،
وسامي نه سگهندو، انهيءَ جو ڏيئو،
مڃان ٿو ته هن وٽ اِها ڏات آ.
(ڳاءِ ڳاءِ انقلاب، ص-773)
اياز چيو هو ته:
اڄ آئون ڀٽائيءَ جو ڀيدي،
تنهن پيار مٿان پُلِ ٺاهيان ٿو.
شيخ اياز جي شاعريءَ جو هڪ حصو ان پل جي تخليقي تعميرآهي، جنهن تي سنڌي ادب کي سدائين فخر رهندو۔

(ڊاڪٽر فياض لطيف جي ڪتاب جو مقدمو)

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here