قمبر پوليس پاران ڪالعدم تنظيم جي ٻن اهم جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جي دعوي

0
141

قمبر:(رپورٽ قاضي نياز حسين)

قمبر-قمبر ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ ڊاڪٽر سمير نور چنه جي هدايتن ضلعي ۾ پوليس جو ڪريڪ ڊائون جاري آهي، ڊي ايس قمبر منظور جوکيو ۽ ڊي ايس پي شهدادڪوٽ يار محمد رند جي گڏيل پريس ڪانفرنس ٻڌايو ته ٻه مهينا اڳ قتل ٿي ويل پنجاب جي رحيم يار خان واسين پورهيت عمران ڪمبوه ۽ اڪرم ڪمبوه جي قتل ۾ملوث ڪالعدم تنظيم جي ٻن اهم جوابدارن حاجن مڱريو ۽ شاهنواز کوسو کي گرفتار ڪرڻ جي دعوي ڪندي گرفتار جوابدارن وٽان ٻه پسٽل ۽ هيڊ گرينڊ ۽ پوليس جون ورديون هٿ ڪري ورتيون، پوليس جو چوڻ هو ته جوابدار نسلي فساد ڪرائڻ ۽ ڪنهن وڏي ڪارروائي ڪرڻ جي تياري ۾ هئا حساس ادارن سميت گڏيل ڪارروائي ۾ جوابدارن کي ٽريس ڪري گرفتار ڪيو ويو آهي گرفتار جوابدار مٿان ضلعي جي مختلف ٿاڻن تي ٻه ڪيس پڻ داخل ٿيل آهن۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here