والدين جي ڏهاڙي جي حوالي سان تقريب

0
162

ڏوڪري

ڏوڪري ۾ شاهين پبلڪ اسڪول پاران والدين جي ڏهاڙي جي حوالي سان تقريب ڪوٺائي وئي، ان ڏس ۾ گذريل ڏينهن شاهين پبلڪ اسڪول جي پرنسپال ضمير احمد ميراڻي پاران جيسر شادي هال ۾ والدين جي ڏهاڙي جي حوالي سان تقريب ڪوٺائي. تقريب ۾ سياسي سماجي، تعليمدان، صحافين ۽ شاگردن جي والدين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي۔

جڏهن ته تقريب ۾ سئينر صحافي ايس بابو اقبال، صحافي منور ابڙو، ايم رمضان جوڻيجو، صدر پريس ڪلب ڏوڪري قاضي آفتاب، منظور ميراڻي، اطهر سنديلو، قاضي فريد، ديدار سومرو، غلام مصطفي جهتيال، وحيد ڳاهو، قاضي سهيل، مختيار ڪنڀر، تعليمدان لياقت علي سومرو، اڳوڻي چئمبر آف ڪامرس صدر علي بخش ميتلو، وڏيرو شمن خان جوڻيجو، بشير احمد، ملاح فورم اڳواڻ شهمير علي ميراڻي، پرڪاش لعل چانڊوڻي، اياز ملڱاڻي، ليکڪ اقرار پيرزادو، ليکڪ انور، قربان جتوئي، صاحب خان ميراڻي، فلڪ ٻٽ، قمر الدين سميجهو، قاضي فلڪ برڪت، شفا جوڻيجو، زبير منگي، ظهير ٻٽ، محسن علي عالماڻي ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي۔

تقريب ۾ شاگردن ۾ تقريري مقابلا ڪرايا ويا ۽ شاگردن ٽيبلوز پيش ڪيا ويا، ان موقعي تي تقريب کي سئينر صحافي ايس بابو اقبال، پرنسپال ضمير احمد ميراڻي، لياقت علي ميراڻي، منور ابڙو، ايم رمضان جوڻيجو، قاضي آفتاب، فلڪ ٻٽ، ظهير ٻٽ ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته تعليم ئي واحد ذريعو آهي جنهن سان معاشري ۾ ترقي ڪري سگهجي ٿي۔

والدين کي گهرجي ته ٻارڙن بابت اسڪول وڃي استادن کان معلومات وٺن ته جئين ٻار تي استاد وڌيڪ محنت ڪري سگهي۔ هنن چيو ته لاڙڪاڻي ضلعي ۾ تعليم جو معيار بهترين آهي ڪيترائي نوجوان سي ايس سي جا امتحان پاس ڪري سٺيون پوسٽون حاصل ڪيون آهن. هنن چيو ته پرائيويٽ اسڪولن وانگر سرڪاري اسڪولن جي انتظاميا کي به گهرجي ته تعليم جي بهتري لاءِ سيمينار ڪرائڻ گهرجن۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here