پکو رپورٽر محمد نواز مغيري
پکو ڀرسان ڳوٺ غلام علي اسراڻ جو پرائمري اسڪول زبون حال هجڻ خلاف شاگردن پاران احتجاج مظاهرو ڪيو ڳوٺ غلام علي اسراڻ جي پرائمري اسڪول جي بلڊنگ زبون حال ٿيڻ خلاف شاگردن استاد محبوب علي جي اڳواڻي ۾ معصوم شاگردن اسڪول اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪي۔
استادن ٻڌايو ته سندن اسڪول جي عمارت ڪيتري عرصي کان زبون آهي جنهن جا ڪيترائي ڀيرا چاپڙ ڪرڻ سبب ڪيترائي شاگرد زخمي ٿي چڪا آهن هنن چيو ته اسڪول زبون هال هجڻ ڪري ٻار کليل آسمان هيٺ تعليم پرائڻ تي مجبور آهن جڏهن ته ٻي ڪا به سهولت ناهي استاد جو چوڻ هو ته هو ڪيترائي ڀيرا لاڳاپيل عملدارن کي لکت ۾ شڪايت ڪري چڪا آهن پر ڪنهن جي ڪن تي جونءَ ناهي چري استادن ۽ شاگردن مطالبو ڪيو ته اسڪول جي عمارت ٺهرائي کين فرنيچر سميت ٻيون سهولتون ڏنيون وڃن۔