قمبر پوليس پاران مختلف ڪاروائين دوران 9 ڦر ٿيل موٽر سائيڪلون برآمد 3 جوابدار گرفتار

0
234

رپورٽ- قاضي نياز حسين

قمبر- ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ جي هدايتن تي ايس ايڇ او قمبر سٽي نورمحمدابڙو پنهنجي مختصر عرصي دوران ڪيل ڪاروائي جي پريس بريفنگ سٽي ٿاڻي تي صحافين کي ڏيندي ٻڌايو،تفصيل موجب ايس ايڇ او نور محمد ابڙو ميڊيا کي ٻڌايو ته تي مختلف ڪاروائين دوران 9 چوري ۽ ڦر ٿيل موٽر سائيڪلون برآمد ڪري 3 جوابدار گرفتار ڪري مٿن ڪيس داخل ڪيو ويو جڏهن ته منشيات فروشن خلاف ڪارروائي ڪندي 8 منشيات فروش گرفتار کائن مختلف قسمن جي منشيات چرس، ڀنگ گٽڪومين پڙي هٿ ڪري مٿن ڪيس داخل ڪيو ويو آهي۔

جڏهن ته ٻن ٻارڙن عائشه ۽ ڪبير ٻرڙو کي ڪجھ وقت اڳ اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندڙن سميرا زال نظير جن مٿان اغوا جوڪيس داخل ڪيو ويوهن وڌيڪ ٻڌايو ته سٽي جي حد ۾ عبدالغفار گوپانگ جي گهر مان ڦر جا جوابدار۽ ڦر ٿيل موبائيل فونون روڪ رقم ڏهه هزار جوابدارن سميت هٿ ڪيا ويا آهن ۽ مختلف هنڌن تي ڇاپا هڻي 11 جواري پڪڙي ڪيس داخل ڪيا ويا آهن۔

جڏهن ته مختلف ڪيسن ۾ گهربل روپوش جوابدارن خلاف پڻ ڪاروائي ڪندي 26 روپوش جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي،ايس ايڇ او نور محمد ابڙو چيو ته شهرين جي جان مال جي حفاظت ڪرڻ اسان جي ذميواري آهي پوليس جو ڏوهارين خلاف ڪريڪ ڊائون جاري رهندو۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here